سزا معطلي بعد ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي: عمران جو عدالت سان رابطو

آگسٽ 29, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان توشا خانه ڪيس ۾ سزا معطلي بعد ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتاري کان روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين پاران داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته توشا خانه ڪيس ۾ سزا معطلي بعد ڪنهن به ڪيس ۾ ايف آءِ اي، نيب، پوليس سميت ڪنهن به اداري کي گرفتاري کان روڪيو وڃي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 9 مئي جي واقعن ۽ جعلسازي جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت جي درخواست خارج ڪرڻ خلاف درخواستن تي اعتراض ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

چيف جسٽس عامر فاروق درخواستن تي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي ڪئي. عمران جو وڪيل سلمان صفدر روسٽرم تي اچي ويو ۽ چيو ته سيشن ڪورٽ 6 ضمانتن جون درخواستون عدم پيروي تي خارج ڪيون ، ميرٽ کي نه ڏٺو

وڪيل چيو ته اٽڪ جيل کان عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي گهرائي سگهي پئي، ڊيوٽي جج اسان جي درخواست نه ڏٺي ۽ ضمانت خارج ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا ڪيس ۾ اسان جي حفاظتي ضمانت منظور۾ واڌ ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ جو اهو آرڊر به سيشن ڪورٽ سامهون رکيو هو پر عدالت نه ڏٺو

عمران پاران داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ٽرائل ڪورٽس جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏنا وڃن، ٽرائل ڪورٽس کي ڪيس ٻيهر ٻڌي ميرٽ تي فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي، انهن ڪيسن ۾ پوليس کي گرفتارين کان روڪيو وڃي

وڪيل چيو ته توشا خانه ڪيس ۾ اڄ فيصلو ٿيڻو آهي خدشو آهي ته ضمانت ٿيڻ تي گرفتاري ٿيندي، عدالت درخواستن تي اعتراض ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Leave A Comment