| سزا يافته آفيسر کي ميڊل پارايا ويا، آئيني عدالت ٺاهي وئي، ڪم پوءِ به نه پيا ٿين: جسٽس محسن ڪياني |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پٽوار سرڪلز ۾ پرائيويٽ ماڻهن کان سرڪاري ڪم ڪرائڻ خلاف ڪيس ۾ ضلعي انتظاميه کي پٽوارين جي ڀرتي لاءِ درست اشتهار ٻيهر جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا هر ڪم توهين عدالت کان پوءِ ڪرڻ ضروري آهي، جنهن ڊي سي کي هن عدالت سزا ڏني هئي، صدر کيس ميڊل پارائي ٿو، جيڪڏهن مان توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي، ته جسٽس بابر ستار وانگر وقت نه وٺندس، انهيءَ وقت هٿڪڙي هڻي جيل موڪلي ڇڏيندس، ميڊل هتي ئي رهجي ويندا. هاڻي ته اوهان آئيني عدالت به ٺاهي ڇڏي آهي، پر وري به ڪم نٿو ٿئي۔ سڀ ڪجهه اوهان لاءِ ئي ٿي رهيو آهي، هر ڳالهه تي عدالت جا فيصلا موجود آهن، پر اوهان بدنيتي ڪرڻ جي قسم کائي ڇڏي آهي، اهي لوڪل پوسٽون آهن، سڄي ملڪ مان ماڻهو ڪيئن آڻيندا. هن عدالت جا مختلف فيصلا موجود آهن، سڄي پاڪستان ۾ ڪوٽا هڪجهڙو آهي۔ بي ايمان ماڻهن سان هي سسٽم نٿو هلي سگهي، هي سراسر بي ايماني آهي، تنهنڪري حڪومت لوڪل باڊيز جون چونڊون به نٿي ڪرائي۔ هر غلط ۽ بي ايماني وارو ٽول استعمال ڪيو پيو وڃي. پنجاب يا سنڌ ۾ اسلامآباد وارن کي مقرر ڪيو وڃي نه. راولپنڊي ۾ چڪوال جو پٽواري ۽ جهلم ۾ راولپنڊي جو پٽواري نٿا لڳايو. اسلام آباد ۾ خبر ناهي اوهان کي ڇا ٿي ويندو آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ کان اڳ اشتهار درست ڪري ٻيهر جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ تاريخ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.