سستي وين وٺڻ لاءِ صادق آباد ويل ڦلھڏيون واسي مامو ۽ ڀاڻيجو اغوا
آڪٽوبر 30, 2023
سنڌڙي: سستي وين وٺڻ لاءِ صادق آباد ويل ڦلهڏيون واسي مامو ۽ ڀاڻيجو مبينا طور اغوا ٿي ويا، وارثن جو چوڻ آهي ته رضوان آرائين ۽ سندس مامو غلام مصطفيٰ 10 لک کڻي سستي وين وٺڻ لاءِ صادق آباد ويا هئا
مامي ۽ ڀاڻيجي جي وارثن موجب گذريل رات کان ساڻن رابطو ڪٽيل آهي، خدشو آهي ته کين اغواڪيو ويو آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته مامي ڀاڻيجي جي موبائيل لوڪيشن صادق آباد مان ملي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي