| سست بيٽنگ ٿو ڪري: بي بي ايل ۾ ميلبورن جي ڪپتان رضوان کان بيٽنگ کسي ورتي، رٽائرڊ آئوٽ |
سڊني (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ ۾ ميلبورن رينيگيڊز جي ڪپتان سُست بيٽنگ ڪرڻ سبب محمد رضوان کي ميدان کان ٻاهر گهرائي ورتو. سومر ڏينهن بي بي ايل جي 15هين ايڊيشن جي 33هين ميچ ۾ ميلبورن رينيگيڊز سڊني ٿنڊر خلاف ميچ دوران پنهنجي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي ريٽائر آئوٽ ڪري ڇڏيو. محمد رضوان 23 بالن تي 26 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هو، ان دوران ڪپتان کيس ميدان کان ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪيو. ته جيئن هو پاڻ بيٽنگ لاءِ اچي سگهي. ان دوران ڪامنٽيٽر چيو ته ڪپتان ڏاڍو سٺو فيصلو ڪيو، اهو ڪم ڪجهه وقت اڳ به ڪري سگهجي پيو. مداحن محمد رضوان کي زبردستي رٽائر آئوٽ ڪرڻ کي شرم جوڳو قرار ڏنو. محمد رضوان بي بي ايل دوران 8 ميچن ۾ 20.88 جي ايوريج سان 167 رنسون ٺاهيون آهن. ميچ ۾ ميلبورن رينيگيڊز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون ٺاهيون، برسات سبب متاثر ميچ ۾ سڊني ٿنڊر کي ڊي ايل ايس تحت 16 اوورن ۾ 140 رنسن جو هدف ڏنو ويو، آخري اوور جي ٻئي بال تي سڊني سڪسر هدف حاصل ڪري ورتو. ڪرس گرين کي جارحاڻي بيٽنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.