سسٽم کي دفن ڪبو: جي ڊي اي، نواز ليگ ۽ متحده جو اعلان: اي اين پي به اتحاد ۾شامل

نومبر 25, 2023

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ۾ سياسي گرميون وڌڻ لڳيون ، پ پ مخالف اتحاد مضبوط بنائڻ لاء جي ڊي اي، نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سندرو ٻڌي ورتو، اي اين پي به گرانڊ الائنس ۾ شامل، ان حوالي سان ڪالهه   اي اين پي جي سينيٽر شاھي سيد جي رھائشگاھه  تي نواز ليگ سنڌ جو صدر بشير ميمڻ ، ايم ڪيو ايم جو مصطفيٰ ڪمال ۽ جي ڊي اي جو سيد راشد شاھه  پھتا ـ جتي ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ اليڪشن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي،ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ چيو تهاليڪشن ڪميشن اسانجي پئسن تي ھلندڙ ادارو آھي، انهي کي خودمختيار ھجڻ گھرجيم جيڪڏهن اسانجي برداشت ختم ٿي ته قدم کڻندا سين،  ھن چيو ته سنڌ جو نگران وڏو وزير سٺو ماڻهو آھي، کيس ايندڙ عام چونڊن ۾ سڀني کي ليول پلينگ فيلڊ ڏيڻي پوندي، هن چيو ته اسان وٽ هر ڪو پنهنجي الڳ الڳ نظرئي ۽ منشور باوجود سنڌ کي ڪرپشن مان نجات ڏيارڻ لاءِ گڏ ٿيو آهي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو ڏئي ٿي پر ھتي پيئڻ جو پاڻي ناھي ـ روزاني 70-80 ٻارن کي ڪتا ڏاڙھين ٿا پر ويڪسين نٿي ملي ـ اسين انھي سسٽم جي خاتمي لاءِ گڏ ٿيا آھيون، جيڪو سسٽم سنڌ کي تباھه پيو ڪري، جي ڊي اي اڳواڻ راشد شاھه چيو ته پير پاڳاري جي قيادت ۾ پ پ  خلاف جھاد اڪبري شروع ڪيو آھي ، سنڌ سڀني کان پھرين پاڪستان کي قبول ڪيو، انھي ڪري سنڌ کي اھو حق آھي ته اها وڏو ڀاءُ سڏرائي، هن چيو ته اسان ڪرپٽ سسٽم خلاف ڪراچي کان پشاور تائين جنگ جوٽي آھي، اسان گڏيل حڪومت ٺاھي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي جيل ۾ واڙي عوام جا پئسا واپس وٺنداسين، اي اين پي اڳواڻ  شاھي سيد چيو ته سنڌ ۾ 15 سالن کان ڪرپشن جي بازار گرم آھي، جنهن خلاف  گرانڊ  اتحاد پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ـ

Leave A Comment