| سشميتا پاران بنا بيهوش جي دل جو آپريشن ڪرائڻ جو انڪشاف |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) اڳوڻي مس يونيورس ۽ اداڪاره سشميتا سين 2023 ۾ پيل دل جي دوري جي حوالي سان نئون انڪشاف ڪيو آهي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هن دل جي سرجري کان اڳ بيهوشي وارو انجيڪشن لڳرائڻ کان انڪار ڪيو هو.سشميتا سين چيو ته مون ڊاڪٽرن کي چيو ته آئون بيهوشي ٿيڻ نٿي چاهيان، آئون اسٽنٽ لڳائڻ وارو عمل سجاڳ حالت ۾ ڏسڻ چاهيان ٿي، مان ڏسڻ چاهيان ٿي اداڪاره چيو ته اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ خوفناڪ هو پر اهو سڀ ڪجهه نه ڏسڻ ان کان به وڌيڪ خوفناڪ هو. سرجري وقت مون ڊاڪٽرن کي اهو به چيو ته طريقيڪار ۾ جلدي ڪريو ته جيئن آئون پنهنجي ڪم تي واپس اچي سگهان. واضح رهي ته سشميتا جون 95 سيڪڙو شريانون بلاڪ هيون، جنهن ڪري کيس فوري طور تي اسٽنٽ لڳايو ويو هو .