فيض گنج(ن پ و) فيض گنج لڳ سعديا راڄپر جي تذليل جي الزام هيٺ آيل زڪيه راڄپر به تشدد ۽ وار ڪترڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو پوليس ٻنهي ڌرين جي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو
الزام هيٺ آيل غلام شبير راڄپر واري ڌر پاران زڪيه راڄپر ڪيس داخل ڪندي امجد، سڄڻ ۽ احسان سميت 8 جوابدارن تي گهر ۾ داخل ٿي تشدد ڪرڻ بعد مٿي جا وار ڪترڻ جو ڪيس داخل ڪرايو
فيض گنج پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد ٻنهي ڌرين جي 5ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري لاڪ آپ ڪري ڇڏيو آهي
واضح رهي ته ان کان اڳ سعديا راڄپر ڪيس داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو هو ته اسان گهر ۾ موجود هئاسين ته غلام شبير، مهتاب، قربان، ڌڻي بخش، نوشاد ۽ ضمير سميت 8 ڄڻن گهر تي حملو ڪيو
سندس چوڻ هو ته هير خاتون، حور خاتون، ماجده، سڄڻ، امجد ۽ احسان تي تشدد ڪرڻ بعد ٻن جوابدارن مون کي ٻانهن کان پڪڙيو ٽئين جوابدار غلام شبير راڄپر زبردستي ڪينچي سان منهنجي مٿي جا وار ڪتري تذليل ڪرڻ سان گڏ مون تي تشدد ڪيو ۽ فرار ٿي ويا