سعوديه کانپوءِ يو اي اي به پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏئي ڇڏيا

جُولاءِ 12, 2023

اسلام آباد ( پنهنجي ڊيسڪ) يو اي اي پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ڏئي ڇڏيا آهن، ان ڏس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي

 ته يو اي اي پاران هڪ ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا ويا آهن، گذريل ڏينهن سعودي ارب پاران به 2 ارب ڊالر پاڪستان ڏنا هئا، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف ٿورا مڃيا آهن هن چيو ته سعودي ۽ يو اي اي کان پئسا ملڻ کانپوءِ ناڻي ذخيرا وڌي ويا آهن

 هن چيو ته پاڪستان ترقي جي واٽ تي هلي چڪو آهي اميد آهي ته بهتري ايندي ڪجهه ماڻهو ملڪ ڊفالٽ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا انهن جون خواهشون پوريون نه ٿيون

Leave A Comment