سعودي ابراهيمي معاهدي لاءِ راضي : آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالرز سيڙپ جو اعلان

  سعودي ابراهيمي معاهدي لاءِ راضي : آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالرز سيڙپ جو اعلان

واشنگٽن(م ڊ) سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وائٽ هائوس پهچي ويو، صدر ٽرمپ پاران سندس آجيان ڪئي، ويڙهاڪ جهازن پاران سلامي ڏني وئي. سعودي ولي عهد جو اهو 2018ع ۾ صحافي جمال خاشقجي جي قتل کانپوءِ آمريڪا جو پهريون دورو آهي. صدر ٽرمپ سعودي ولي عهد جي استقبال لاءِ وائٽ هائوس ٻاهر اچي ساڻس هٿ ملايو، ٻنهي اڳواڻن سان گڏ اعليٰ آمريڪي ۽ سعودي عملدار موجود هئا. آمريڪي عملدارن موجب ملاقات ۾ آمريڪا ۽ سعودي عرب دفاعي تعاون وڌائڻ لاءِ دفاعي خريداري معاهدا، آمريڪي مصنوعي ذهانت انفرا اسٽرڪچر ۾ سعودي سرمائيڪاري، آمريڪا سعودي  سول نيوڪليئر انرجي تعاون وڌائڻ جي معاهدن سميت ڪيترن ئي معاهدن ٿيڻ جو امڪان آهي. آمريڪي عملدارن موجب معاهدا سعودي عرب جي آمريڪا ۾ 600 ارب ڊالرز سرمائيڪاري وارن واعدن تحت ڪيا ويندا. ٻئي طرف سعودي عرب آمريڪا کان باضابطه سيڪيورٽي ضمانت چاهي ٿو. صدر ٽرمپ سعودي بادشاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو ته سعودي ولي عهد جي آمريڪي دوري تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، محمد بن سلمان  مستقبل جو بادشاهه آهي، کيس وائٽ هائوس اچڻ تي ڀليڪار چوان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب امريڪا ۾ 600 ارب ڊالرز جي سرمائيڪاري ڪرڻ جو چيو آهي، آمريڪا ۾ سعودي جي سرمائيڪاري ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، ان موقعي تي سعودي بادشاهه جو چوڻ هو ته عالمي امن لاءِ صدر ٽرمپ جو ڪردار اهم آهي، جڏهن ته وچ اوڀر ۾ امن لاءِ هن جو وڏو ڪردار رهيو آهي.