خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

سعودي عرب، دبئي ۽ آذربائيجان مان 64 هزار پاڪستانين کي پنڻ تان نيڪالي: غيرقانوني ويندڙ 51 هزار  مسافر آف لوڊ

سعودي عرب، دبئي ۽ آذربائيجان مان 64 هزار پاڪستانين کي پنڻ تان نيڪالي: غيرقانوني ويندڙ 51 هزار  مسافر آف لوڊ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سعودي عرب، دبئي ۽ آذربائيجان مان 64 هزار پاڪستانين کي پنڻ تان نيڪالي ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو ويو جڏهن ته غيرقانوني ويندڙ 51 هزار  مسافر  جهازن مان ئي لاهي روڪيا ويا. تفصيل موجب  اوورسيز پاڪستاني ۽ انساني حقن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو آغا رفيع الله جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي جي ايف آءِ اي ڪميٽي آڏو  انگ اکر پيش ڪري ڇڏيا، هن سعودي عرب پاران 56 هزار، دبئي 6 هزار ۽ آزر بائيجان اڍائي هزار پاڪستانين کي پنڻ سبب ڊي پورٽ ڪرڻ جو انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هن سال 24 هزار ماڻهو ڪمبوڊيا ويا، جن مان 12 هزار ماڻهو هن وقت تائين واپس ناهن پهتا. برما ويل 4 هزار ماڻهن مان اڍائي هزار ملڪ واپس ناهن پهتا. سندس چوڻ هو ته هن سال 51 هزار ماڻهن کي آف لوڊ ڪيو ويو، ماڻهو عمري جي ادائيگيءَ جي نالي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن کي ثبوتن تحت آف لوڊ ڪيو ويو. ڊي جي ايف آءِ اي ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته آف لوڊنگ سبب غير قانوني ماڻهن کي روڪڻ جي ڪري پاڪستان جو پاسپورٽ رينڪ 118 کان 92 نمبر تي آيو، گذريل سالن ۾ غير قانوني سفر ڪندڙ ماڻهن ۾ پاڪستان ٽاپ 5 ملڪن ۾ هو، هاڻي پاليسين سبب پاڪستان ٽاپ 5 مان ٻاهر نڪتو آهي. گذريل سال 8 هزار ماڻهو غير قانوني يورپ ويا، هن سال تعداد 4 هزار رهيو. دبئي ۽ جرمني سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا فري ڪري ڇڏي آهي. ايمي ايپليڪيشن جنوري وچ ۾ لانچ ڪئي ويندي. ايمي ايپليڪيشن ۾ ٻاهرين ملڪ وڃڻ وارا روانگي کان 24 ڪلاڪ اڳ ايميگريشن حاصل ڪندا. زمبابوي ۾ مقرر سفير ٻڌايو ته ايٿوپيا ۽ زمبابوي مان ماڻهو غير قانوني يورپ وڃي رهيا آهن. اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي ڪائونٽر تي عملو گهٽ آهي، اسلام آباد پوليس 30 ليڊي اهلڪارن جون خدمتون وٺي رهي آهي. هڪ جعلي فٽ بال ڪلب، فوٽبال ٽيم کي جاپان موڪليو جنهن ۾ هڪ معذور شخص به جاپان هليو ويو. جاچ ڪئي وئي ته خبر پئي 2022 ۾ به جاپان جعلي ڪلب کي موڪليو ويو. ڊي جي ايف آءِ اي ڪميٽي ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آف لوڊنگ دستاويزن، ڊيٽا ۽ آن لائن ويئريفڪيشن تي ڪئي وڃي ٿي. آف لوڊ ٿيل مسافر وٽ ڪورس، يونيورسٽي يا نوڪري جي مڪمل معلومات نه هئي، ڪيترن معاملن ۾ مسافر ايجنٽن ذريعي نامڪمل يا غلط معلومات سان سفر جي ڪوشش ڪئي، ڪنهن به مسافر کي سياسي يا وي آءِ پي دٻاءَ تي ڪليئر نه ڪيو ويو. بدعنواني ۾ ملوث 180 ايف آءِ اي اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو. سڀ وڏا ايئرپورٽس آءِ ڊي ايم ايس ٽو ۽ نادرا جي آن لائن ڊيٽا سان منسلڪ ڪيو ويو آهي. ايئرپورٽس جي اميگريشن ڪائونٽرز تي ڪيمرا لڳايا ويا ۽ ڪنٽرول هيڊڪوارٽر مان نگراني ٿي رهي آهي. اميگريشن سسٽم ۾ مصنوعي ذهانت ذريعي مشڪوڪ ڪيسن جي نشاندهي ٿي رهي آهي. انساني مداخلت گهٽ ۽ سسٽم بيسڊ ڪليئرنس کي ترجيح ڏني پئي وڃي. سوشل ميڊيا تي بنا  تصديق جي رپورٽن سان عوام ۾ خوف ۽ مونجهارو پئدا ٿيو. 66 هزار مسافر اپ لوڊ ڪيا ويا، گهڻو ڪري لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽ مان مسافرن کي آف لوڊ ڪيو ويو. آف لوڊ ٿيل مسافر جي اڪثريت وزٽ، عمره ۽ ورڪ ويزا جي ڪيٽيگري مان هئي. هن سال 85 لک ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويا. 226 خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا. گذريل 3 مهينن ۾ 450 ماڻهن کي ايران جي بارڊر ذريعي غير قانوني وڃڻ دوران گرفتار ڪيو ويو. بنگالي شهرين کي پڻ پاڪستان مان غير قانوني طور يورپ وڃڻ دوران گرفتار ڪيو ويو. جعلي دستاويزن تي گذريل سال 287، هن سال 170 ماڻهن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو. سڪريٽري اوورسيز جي بريفنگ ڏيندي چيو ته حڪومت 10 ڪميونٽي ويلفيئر اتاشي پوسٽس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سعودي عرب، جرمني، فرانس، چين، آسٽريليا، ناروي، ڪينيڊا ۽ برطانيه ۾ ڪميونٽي ويلفيئر اتاشي پوسٽس هونديون، جنهن جو مقصد پاڪستاني ورڪ فورس جي فلاح ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ آهي. آعا رفيع الله بريفنگ ڏيندي چيو ته جينوئن ويزا ۽ سروسز وارن ماڻهن کي ناهي روڪيو ويو. جعلي طريقن سان ويندڙن کي آف لوڊ ڪيو آهي. جن ماڻهن کي ڊرائيونگ ناهي ايندي اُهي ڊرائيونگ ويزه حاصل ڪري ٻاهرين ملڪن ويندا آهن انهن کي آف لوڊ ڪيو ويو. ايف آءِ اي جي بريفنگ تي ڪميٽي مطمئين ٿي آهي. اسان ايف آءِ اي کي چيو ته پاسپورٽ تي آف لوڊ جي مهر نه لڳائي وڃي.