سعودي، عرب امارتن ۽ نار جي رياستن ۾ اڄ عيد: شيطان کي پٿريون هنيون ويون

جُون 28, 2023

رياض(پنهنجي ڊيسڪ) سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ نار جي رياستن ۾ عيدالاضحيٰ اڄ ملهائي پئي وڃي، مسجد الحرام مڪه مڪرمه  ۽ مسجد نبوي مدينه منوره ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي

 سعودي عرب ۾ حج پانڌيئڙا اڄ وڏي شيطان کي پٿريون هڻي رهيا آهن، حاجي سڳورا قرباني ڪري مٿو ڪوڙائيندا ۽ احرام کولي ڇڏيندا، پوءِ طواف  ۽ زيارت ڪندا

 برطانيا، ڪئنيڊا ۽ آمريڪا ۾ به هن ڀيري مسلم ڪمينوٽيز  ورهايل، ڪجهه ماڻهو اڄ ۽ ڪجهه سڀاڻي عيد ملهائيندا، پاڪستان ۾ بوهري برادري اڄ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ خروش سان ملهائي رهي آهي

ڪراچي جي علائقي صدر ۾ بوهري جماعت طرفان طاهري مسجد ۾ عيد جي نماز ادا ڪرڻ بعد سنت ابراهيمي  جي ادائيگي لاءِ جانورن جي قرباني  ڪئي وئي

عيد نماز جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا جڏهن ته طاهري مسجد طرف ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪري سخت نگراني ڪئي وئي

Leave A Comment