سعودي عرب جو ايران تي حملن تي غور: اسان جنگ جو فيصلو ناهي ڪيو: قطر

سعودي عرب جو ايران تي حملن تي غور: اسان جنگ جو فيصلو ناهي ڪيو: قطر

دوحا/واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي اخبار چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ٻيا ملڪ به ايران سان جنگ ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن جڏهن ته قطر چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين ۾ شامل ناهيون اسان رڳو پنھنجي ملڪ جي حفاظت تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. ايران تي حملوڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. مليل اطلاعن موجب آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جو چوڻ آهي ته ايران جي حملن کانپوءِ سعودي عرب به ايران تي جوابي حملا ڪرڻ جتي غور ڪري رهيو آهي جنهن بعد ٻيا ملڪ به جنگ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته سعودي حڪومت آمريڪا کي ايران تي حملا ڪرڻ لاءِ پنهنجي سرزمين ۽ هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي به غور ڪري رهي آهي. ٻئي طرف قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري جو چوڻ آھي تھ سفارتڪاري تڪرار کي ختم ڪرڻ جو رستو هجڻ گهرجي ۽ جيترو جلدي جنگ ڪندڙ پارٽيون ڳالهين جي ميز تي اچن اوترو ئي بهتر آھي. ھن چيو تھ قطر پنهنجي توانائي جي سهولتن ۽ شھري علائقن تي ڪنهن به حملي جي مذمت ڪري ٿو قطر کي جارحيت جو نشانو بڻايو ويو آهي، جيڪو پاڙيسري اصولن جي خلاف ورزي آھي. نار رياستن ۽ ايران جي وچ ۾ مستقبل جي لاڳاپن بابت قطر جي پرڏيھي ترجمان چيو ته علائقي جي سڀني ماڻهن جا گهرا لاڳاپا آهن ۽ انهن جي ملڪن کي گڏجي رهڻ جو رستو ڳولڻو پوندو. ھن چيو تھ ايران هتي هزارين سالن کان آهي. هن علائقي جا ماڻهو هتي هزارين سالن کان موجود آهن. ڪو به ڪٿي به نه وڃي رهيو آهي. مڪمل تباهي هڪ آپشن ناهي. اسان هڪ ٻئي جي ڀرسان رهنداسين، اسان انسانيت جي مستقبل لاءِ پاڙيسري رهنداسين ۽ اسان کي هڪ ٻئي جي ڀرسان رهڻ جا طريقا ڳولڻا پوندا. ھن چيو تھ قطر ۽ ايران جي عوام جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپي کي ڪنهن به ٻئي سياسي نظريي تي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هاڻي ايرانين لاءِ کليل آهي ته هن جنگ کان پوءِ اهو فيصلو ڪن ته اهي اسان جي خودمختياري تي حملي جي ڪري وڃايل اعتماد کي ڪيئن بحال ڪندا. قطر جي ايران تي ممڪن جوابي ڪارروائي بابت پڇڻ تي ترجمان چيو ته قطر جوابي ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو پر علائقائي امن جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون. جوابي ڪارروائي جو فيصلو اسان جي فوج ۽ اسان جي اڳواڻن جي فيصلن جي صورتحال جي جائزي مطابق ڪيو ويندو. اڃا تائين اهڙو ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي اسان هر ممڪن احتياط ڪري رهيا آهيون اسان ايران جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حملن کي ناڪام ٿيندي ڏٺو آهي.