سعودي عرب ٽياڪڙ: پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڳالهيون، پهريون دور ناڪام

  سعودي عرب ٽياڪڙ: پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ڳالهيون، پهريون دور ناڪام

جده/واشنگٽن (م ڊ) سعودي عرب پاڪستان ۽ افغانستان کي ڳالهين جي ميز تي ويهاري ڇڏيو، ڳالهين جو پهريون دور ناڪام ٿي ويو. آمريڪي ميڊيا پاڪ افغان وچ ۾ نئين ويڙهه جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. افغان ميڊيا جي رپورٽ آهي سعودي عرب ۾ پاڪ افغان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن جن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ وڌيڪ ڳالهين لاءِ فريم ورڪ قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهايو پيو وڃي، رپورٽ موجب هڪ رات اڳ ٻنهي ملڪن جي وفدن ملاقات به ٿي جيڪا اڳڀرائي بنا ختم ٿي وئي. پر سعودي عرب سفارتي ڪوششون جاري رکيون آهن ته جيئن امن قائم ٿي سگهي. افغان ميڊيا موجب پاڪستان جي حڪومت انهن ملاقاتن جي تصديق يا ترديد نه ڪئي آهي. ٻئي طرف آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب پاڪستان ۽ افغانستان فوجي ٽڪراءُ جي نئين لهر طرف وڌي رهيا آهن. ڀارت جي طالبان سان وڌندڙ رابطن افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. مبصرين جو چوڻ آهي ته ٻئي ملڪ هڪ نئين فوجي ويڙهه طرف وڌندي نظر اچي رهيا آهن.