| سعودي عرب ۽ عرب ملڪ ايران تي ڪارروائي جا مخالف، حملو ٿيو ته اڏن کي نشانو بڻائبو: ايران |
تهران (م ڊ) انساني حقن جي تنظيمن ايران ۾ احتجاج خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ مارجي ويل شهرين جو تعداد 2600 کان وڌي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. آمريڪا ايران کان عرفان سلطاني سميت ڪنهن به اڳواڻ کي ڦاهي ڏيڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي جڏهن ته ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته هو علائقي ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائيندو. مليل اطلاعن موجب ايران ۾ ڪالهه حڪومت خلاف احتجاج جو سلسلو رڪجي ويو ۽ ڪٿي به احتجاج جا اطلاع نه مليا. ٻئي طرف انساني حقن جي هڪ گروپ موجب ايران ۾ تازي بدامني ۾ مرڻ وارن جو 2,600 تائين پهچي ويو آهي. هڪ سينئر ايراني عهديدار اربع تي رائٽرز کي ٻڌايو ته تهران وچ اوڀر ۾ آمريڪي اتحادين کي پيغام موڪليو آهي. هي بيان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي احتجاج ڪندڙن جي حمايت ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڌمڪي کانپوءِ آيو آهي. ايراني عهديدار چيو ته تهران علائقائي ملڪن بشمول سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ ترڪي کي ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪيو ته انهن ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي به حملو ڪيو ويندو. عهديدار وڌيڪ چيو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف جي وچ ۾ سڌو سنئون رابطو معطل آهي. ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سربراهه علي لاريجاني قطر جي پرڏيهي وزير سان ڳالهايو، جڏهن ته پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي اماراتي ۽ ترڪي هم منصبن سان ڳالهايو. عباس عراقچي اماراتي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ امن بحال ٿي چڪو آهي ۽ ايراني عوام پرڏيهي مداخلت خلاف پنهنجي خودمختياري ۽ سيڪيورٽي جو دفاع ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ايراني بيان بعد آمريڪا قطر ۾ پنهنجي فوجي اڏي تان وڏي انگ ۾ فوجين کي واپس اماڻي ڇڏيو آهي. جڏهن ته صدر ٽرمپ آمريڪي نشرياتي اداري سي بي ايس کي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جيڪڏهن ايران احتجاج ڪندڙن کي سزا ڏني ته تمام سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اسرائيلي عهديدارن جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ مداخلت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر ان قدم جي نوعيت ۽ وقت اڃا تائين واضح ناهي. هڪ ٻئي اسرائيلي سرڪاري عهديدار چيو ته وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي سيڪيورٽي ڪابينا کي اڱاري جي رات ايران ۾ ممڪن حڪومت جي تبديلي يا آمريڪي مداخلت جي امڪان تي بريفنگ ڏني وئي.
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ نار ملڪن ايران تي آمريڪي حملي جي مخالفت ڪري ڇڏي. وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب سعودي عرب، قطر ۽ عمان آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته ايران تي حملو نه ڪيو وڃي، ڇو ته اهڙي ڪارروائي سان عالمي تيل مارڪيٽ ۾ وڏو ڌڪ لڳندو ۽ ان جو سڌو اثر آمريڪي معيشت تي به پوندو. اخبار موجب ظاهري طور اهي عرب ملڪ خاموش نظر اچن ٿا پر پسِ منظر ۾ رهي لابنگ ڪري رهيا آهن ته آمريڪا ايران تي حملو نه ڪري. اخبار موجب سعودي عملدارن تهران کي خاطري ڪرائي آهي ته هو ڪنهن به تڪرار ۾ شامل نه ٿيندا ۽ آمريڪا کي ايران تي حملي لاءِ پنهنجون هوائي حدون استعمال ڪرڻ نه ڏيندا. آمريڪي اخبار موجب عرب رياستن کي خدشو آهي ته ايران تي حملي جي صورت ۾ آبنائي هرمز مان گذرندڙ تيل جي ٽينڪرن جي اچ وڃ متاثر ٿي سگهي ٿي. اخبار موجب ٽرمپ سرڪار اڃا واضح ناهي ڪيو ته ايران خلاف ڪهڙي نوعيت جي فوجي ڪارروائي تي غور ڪيو پيو وڃي پر عملدارن جو چوڻ آهي ته حملي جو امڪان موجود آهي. صدر ٽرمپ وٽ سمورا آپشن موجود آهن، هو مختلف رايا ٻڌي رهيو آهي، آخر ۾ اهو ئي فيصلو ڪندو جيڪو پاڻ بهتر سمجهندو.