سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو, حج 27 جون تي ادا ڪيو ويندو

جُون 18, 2023

رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر اچي ويو آهي. عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ پهرين ذوالحج 19 جون تي ٿيندي

 جڏهن ته عيد الاضحيٰ 28 جون تي ملهائي ويندي. حج جو رڪن اعظم يومِ ارفات 27 جون تي ملهايو ويندو.

 ٻئي پاسي پاڪستان ۾ ذوالحج جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪاميٽي جو اڄ اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ذوالحج جو چنڊ ڳوليو ويندو.

Leave A Comment