| سعودي عرب 7 ڪروڙن جو جيولري سيٽ ڏنو، 59 لک قيمت لڳرائي وئي |
اسلام آباد: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي الزام آهي ته انهن 2021ع ۾ سعودي ولي عهد کان بلگاري جيولري سيٽ حاصل ڪيو۔ ايف آءِ اي رڪارڊ موجب جيولري سيٽ جي ڪل ماليت 7 ڪروڙ 15 لک رپين کان وڌيڪ هئي، جنهن جو رڪارڊ پرڏيهي وزارت کان پڻ حاصل ڪيو ويو۔ ايف آءِ اي پرڏيهي وزارت ذريعي اٽلي جي بلگاري ڪمپني کان ليٽر آف ميچوئل ليگل اسسٽنس حاصل ڪيو ۽ بلگاري ڪمپني پاران جاري ڪيل اصل قيمت وارو ليٽر به عدالت ۾ پيش ڪيو ويو۔ جوابدارن پرائيويٽ فرم کان جيولري سيٽ جي قيمت صرف 59 لک رپيا لڳرائي۔ جيولري سيٽ ۾ هار، بريسلٽ، منڊي ۽ واليون شامل هيون. سعودي ولي عهد کان حاصل ڪيل تحفو توشه خانه ۾ جمع نه ڪرايو ويو، قيمت جو تعين پرائيويٽ اپريزر صهيب عباسي ۽ پوءِ ڪسٽم عملدارن وسيلي ڪيو ويو۔ گهٽ قيمت جو اندازو لڳرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، نه صحيح قيمت لڳائي وئي ۽ نه ئي بلگاري جيولري سيٽ صحيح نموني توشه خانه ۾ جمع ڪرايو ويو. پرائيويٽ اپريزر صهيب عباسي موجب درخواست گذار جي پرائيويٽ سيڪريٽري انعام شاهه گهٽ قيمت لڳائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو.