| سعودي فوج جو يمن ۾ ٻيو حملو، عليحدگي پسند نشانو |
رياض (م ڊ)سعودي فوجي اتحاد تصديق ڪئي آهي ته يمن ۾ هوائي ڪارروائي دوران عليحدگي پسند فورسز کي نشانو بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اتحاد ٻڌايو آهي ته يمن ۾ محدود فضائي ڪارروائيون ڪيون ويون، جن ۾ الضالع صوبي ۾ آپريشن دوران عليحدگي پسند فورسز کي نشانو بڻايو ويو. سعودي فوجي اتحاد جو چوڻ آهي ته سدرن ٽريڊشينل ڪائونسل (ايس ٽي سي) جو سربراهه عيدروس الزبيدي رياض اچڻ بدران ڪنهن اڻڄاتل هنڌ فرار ٿي ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عيدروس الزبيدي کي اڱاري جي رات عدن مان رياض روانو ٿيڻو هو، جتي کيس يمني حڪومت ۽ ڏکڻ عليحدگي پسندن وچ ۾ ڳالهين ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.