سعودي پاران پاڪستان کي 3 ارب ڊالرز ڊپازٽ جي مدي ۾ واڌ

سعودي پاران پاڪستان کي 3 ارب ڊالرز ڊپازٽ جي مدي ۾ واڌ

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سعودي عرب هڪ ڀيرو ٻيهر دوستي جو حق ادا ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب سعودي عرب پاڪستان کي 3 ارب ڊالرن جي ڊپازٽ جي مدي ۾ ٻيهر توسيع ڏئي ڇڏي آهي۔ سعودي ڊويلپمينٽ فنڊ طرفان 3 ارب ڊالر جي ڊپازٽ جي مدي ۾ هڪ سال وڌيڪ توسيع ڪئي وئي آهي، هن ڊپازٽ جي مدت ڪالهه ختم ٿيڻ واري هئي۔ 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وٽ جمع ٿيل آهن۔ ياد رهي ته سعودي عرب 2021ع ۾ پاڪستان کي 3 ارب ڊالر جو ڊپازٽ فراهم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو۔