| سعودي پاڻي ذخيري تي حملو، ايران جو انڪار: معاهدو ڪيو ۽ هرمز کوليو، نه ته تيل، بجلي ۽ يورينيم ذخيرا تباهه ڪنداسين: ٽرمپ |
تهران/واشنگٽن/تل ابيب/بيروت (م ڊ) ايران تي حملن جو 31هون ڏينهن، آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا جاري رهيا، سعودي عرب ۾ پاڻي ذخيري کي نشانو بنايو ويو، ايران ذميواري قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو سعودي عرب ۾ بحري جهاز کي ڊرون حملي جو نشانو بڻايو ويو. اسرائيل جي آئل رفائنري تي حملي بعد باهه لڳي وئي اسرائيل جي لبنان تي حملن ۾ وڌيڪ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. مليل اطلاعن موجب ايران جي ميزائل حملي کانپوءِ اتر اسرائيل جي شهر حيفا ۾ موجود بازان آئل ريفائنري ۾ باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ کانپوءِ آئل ريفائنري مان ڪاري دونهين جا ڪڪر اٿندي به ڏٺا ويا. سعودي عرب جي پاڻي جي ذخيري تي حملو ڪيو ويو آهي ايران ذميواري قبول کان انڪار ڪندي ان کي اسرائيلي ڪارروائي قرار ڏنو آهي. رپورٽ موجب برطانيه جي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي راس تنورا تي ڊرون حملي جي رپورٽ ملي آهي. هڪ ڪنٽينر جهاز جي انتظاميا ٻڌايو ته ٻه نامعلوم پروجيڪٽائل جهاز جي ويجهو پاڻي ۾ ڪريا. جهاز عملو محفوظ آهي. اسرائيل جا لبنان تي حملا جاري آهن. حزب الله جو چوڻ آهي ته ان جي فوجن اسرائيل جي اترين شهر حيفا ۾ بحري بيس کي نون ميزائلن سان نشانو بڻايو. جڏھن تھ شهر جي آئل ريفائنري ۾ ميزائل حملي کانپوءِ باهه لڳي وئي. لبناني فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هڪ فوجي چيڪ پوائنٽ تي اسرائيلي حملي ۾ هڪ سپاهي مارجي ويو ۽ 5 زخمي ٿيا آهن. اهو واقعو ڏکڻ لبنان ۾ قليلا-سور روڊ تي الاميريه ۾ پيش آيو. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هڪ اسرائيلي سپاهي ڏکڻ لبنان ۾ ويڙهه ۾ زخمي ٿيڻ بعد مري ويو آهي. 19 سالن جو بين زيون مري ويو هڪ آفيسر زخمي به ٿيو. اسرائيلي فوج جي شروعاتي جاچ موجب هڪ اينٽي ٽينڪ ميزائل نائين بٽالين جي هڪ ٽينڪ تي لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ بين زيون مارجي ويو ۽ هڪ آفيسر زخمي ٿيو. ڪجهه ئي دير بعد وڌيڪ ٻه اينٽي ٽينڪ ميزائل به فائر ڪيا ويا، پر ان ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته حملي کانپوءِ علائقي ۾ حزب الله جي مزاحمت ڪندڙن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي. ڏکڻ لبنان ۾ مارجي ويل اسرائيلي فوجين جو ڪل تعداد 6 ٿي ويو آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته بيروت جي ڏاکڻي ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ ڪارروائيون جاري آهن، بيروت جي ڪجهه ڏاکڻن علائقن جي رهواسين کي نيڪالي جو حڪم ڏنو ويو آهي، ڄاڻايل علائقن ۾ حزب الله جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. لبنان جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 2 مارچ کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ 1,247 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 3,680 زخمي ٿيا آهن. 1.2 ملين کان وڌيڪ لبناني شهري بي گهر ٿيا آهن.
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي هرمز کاڙي فوري طور کولڻ جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته معاهدو نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايراني تيل جي کوهن، بجلي گهرن ۽ يورينيم ذخيرن کي تباهه ڪيو ويندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا ايران ۾ هڪ نئين ۽ وڌيڪ مناسب نظام سان سنجيده ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته جيئن آمريڪي فوجي ڪارروائين جو خاتمو آڻي سگهجي. هن لکيو ته ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن جلد معاهدو نه ٿيو يا هرمز کاڙي کي فوري طور نه کوليو ويو ته اسان ايران ۾ پنهنجي موجودگي ختم ڪندي انهن جي سمورن بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽن، تيل جي کوهن ۽ خارگ ٻيٽ کي تباهه ڪري ڇڏينداسين، ان سان گڏوگڏ پاڻي صاف ڪندڙ پلانٽس کي به تباهه ڪيو ويندو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اهو قدم انهن سمورن آمريڪي فوجين ۽ شهرين جي موت جو پلاند هوندو، جن کي ايران 47 سالن جي دهشتگردي واري دور ۾ قتل ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو الجزيره سان ڳالهائيندي چيو ته ايران وٽ ملڪ تي آمريڪي-اسرائيلي حملي کي روڪڻ لاءِ سفارتڪاري جو موقعو هو، پر ڳالهيون ناڪام ٿيون. جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن. هن چيو ته ڳالهيون اڳ ۾ به ڪري سگهون پيا ايراني حڪومت دهشتگرد گروپن جي حمايت ۾ اربين ڊالر خرچ ڪرڻ ۽ هٿيار ٺاهڻ جي بدران اهو پئسو ايران ۾ ماڻهن لاءِ خرچي ها ته جيئن انهن کي پاڻي جي کوٽ نه ٿئي، ته جيئن انهن جي معيشت موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته ايران جا ماڻهو ناقابل يقين ماڻهو آهن تمام گهڻا وسيلا رکندڙ، تمام گهڻا ڪاروباري پر انهن جي حڪومت مسئلو رهي آهي. انهن پنهنجي ملڪ جي دولت کي عراق اندر حزب الله، حماس ۽ شيعه مليشيا جي مدد لاءِ خرچ ڪيو آهي.
تھران (م ڊ) ايران آمريڪا سان اڻ سڌين ڳالھين جي تصديق ڪندي چيو آھي تھ آمريڪا جا مطالبا حدون اورانگھيندڙ ۽ غيرمعقول آھن ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بگھائي جو چوڻ آهي ته تهران آمريڪا سان اڃا تائين ڪا به سڌي ڳالهه ٻولهه نه ڪئي آهي. جيڪي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي اهي پيغام آهن جيڪي اسان کي ٽياڪڙن ذريعي مليا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو. ھن چيو تھ مون کي حيرت آهي ته آمريڪا ۾ ڪيترا ماڻهو آمريڪي سفارتڪاري جي دعوائن کي سنجيدھ سمجھي رھيا آھن اسان جو موقف واضح آهي جڏھن تھ آمريڪا پنهنجو موقف تبديل ڪندو رهي ٿو. ھن چيو تھ ايران شروع کان ئي پنهنجي موقف بابت واضح رهيو آهي ۽ اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته اسان ڪھڙي فريم ورڪ تي غور ڪري رهيا آهيون. اسان کي فراھم ڪيل 15 مطالبا حدون اورانگھيندڙ ۽ غيرمعقول آھن. ھن چيو تھ پاڪستان ۾ جيڪي ملاقاتون ٿيون آهن اهي هڪ فريم ورڪ تحت آهن جيڪو انهن پاڻ قائم ڪيو ۽ اسان ان ۾ حصو نه ورتو آھي. اهو خطي جي ملڪن لاءِ سٺو آهي ته جنگ ختم ڪرڻ بابت پريشان هجن، پر انهن کي اھا ڳالھھ ياد رکڻ گهرجي ته جنگ ڪنھن شروع ڪئي.