اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پاران سعودي عرب کي پي آءِ اي، ايئرپورٽس ۽ اسلام آباد جي ٻن فائيو اسٽار هوٽلز جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ، ٽرانسميشن لائين ۽ فرسٽ ويمن بئنڪ جي به آڇ ڪري ڇڏي، پاڪستان ۽ سعودي عرب پاران غزه ۾ فوري جنگبندي جو به مطالبو ڪيو ويو
سعودي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ وفد ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪاميٽي سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو
اجلاس دوران سعودي وفد ايپڪس ڪاميٽي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير به خاص طور شريڪ هو، ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪميٽي سعودي وفد کي سيڙپڪاري منصوبن تي بريفنگ به ڏني
ذريعن موجب سعودي وفد کي پي آءِ اي ۽ ايئرپورٽس جي نجڪاري ۾ جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ سعودي وفد کي اسلام آباد ۾ ٻن فائيو اسٽار هوٽلن جي نجڪاري ۾ به جوائنٽ وينچر جي آڇ ڪئي وئي، هوٽلز لاءِ زمين سي ڊي اي جي هوندي، جڏهن ته سيڙپڪاري سعودي حڪومت ڪندي
وفد کي تجويز ڏني وئي ته سعودي حڪومت چاهي ته پاڻ هوٽل ٺاهي هلائي، جڏهن ته اجلاس ۾ وفد کي مٽياري ٽرانسميشن لائن ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جي به آڇ ڪئي وئي
اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جو مرڪز ٿيڻ گهري ٿو، سعودي وفد سان معدنيات، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ سيرپڪاري تي ڳالهيون ٿيون، پاڪستان ۽ سعودي عرب لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي
هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اسان جي ڀائيواري گڏيل احترام، گڏيل مفادن ۽ بهتر مستقبل جي ويجن تي ٻڌل آهي، ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاري ۽ تعاون وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو
اسحاق ڊار چيو ته قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، زراعت، توانائي، معدنيات ۾ تعاون جا بهترين موقعا آهن، جڏهن ته آءِ ٽي ۽ مائننگ جي شعبن ۾ تعاون ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي
سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو ته ڪجهه مهينن ۾ سيڙپڪاري بابت اهم ڪم ٿيندا، معاشي ترقي ۽ علائقائِي سيڪيورٽي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين
هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو اهو ڪنداسين، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف پاران 28 ۽ 29 اپريل تي ٻيهر سعودي عرب جي دوري تي وڃڻ جو امڪان آهي
ذريعن موجب وزيراعظم جي دوري دوران معاهدن تي صحيُون نه ٿيون ته مئي ۾ سعودي ولي عهد جي پاڪستاني دوري دوران صحيُون ڪيون وينديون، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن پاران غزه ۾ ترت جنگبندي جو مطالبو به ڪيو ويو
هوڏانهن سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل وفد سوڌو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقاتون ڪيون، اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو
صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان لاڳاپن کي اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ گهري ٿو، سعودي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏيون ٿا، ٻئي ملڪ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هڪٻئي جي مدد ڪري رهيا آهن
سعودي پرڏيهي وزير سان ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي عرب ڏکئي وقت ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو، سعودي وفد جو دورو اسٽريٽجڪ ۽ واپاري ڀائيواري جي نئين دور جو آغاز آهي، سعودي عرب سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ گهرون ٿا
وزيراعظم سعودي ولي عهد لاءِ پاڪستاني دوري جِي دعوت جو نياپو به ڏنو، ملاقاتن دوران پاڪستاني وفد ۾ پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، نجڪاري وارو وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم ۽ آبي وسيلن وارو وزير مصدق ملڪ، رانا تنوير حسين ۽ لاڳاپيل عملدار به موجود هئا