| سعودي ۾ پاڪ افغان ڳالهيون بنا اڳڀرائي ختم، جنگبندي برقرار |
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٿيل تازيون امن ڳالهيون وڏي اڳڀرائي کان سواءِ ختم ٿي ويون. ٻنهي ملڪن جنگبندي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. رائٽرز موجب گذريل هفتي سعودي عرب ۾ ٿيل اهي ڳالهيون ترڪيه ۽ سعودي عرب جي ميزباني ۾ ٿيل سلسليوار اجلاسن جو حصو هيون.