| سعودي ۾ چنڊ نظر نه آيو، امارات ۾ کليل جاين تي عيد نماز تي پابندي |
رياض (م ڊ) سعودي عرب جي سپريم ڪورٽ اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ڪٿي به شوال جو چنڊ نظر نه آيو. رمضان جا 30 ڏينهن مڪمل ٿي ويندا ۽ عيد الفطر جمعي تي ملهائي ويندي. متحده عرب امارات، قطر، بحرين، ڪويت ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ به عيد جو چنڊ نظر اچڻ جو سرڪاري اعلان نه ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف متحده عرب امارات ۾ اختيارين اعلان ڪيو آهي ته عيدالفطر جي نماز صرف مسجدن جي اندر ادا ڪئي وڃي. جڏهن ته کليل ميدان ۾ نماز جي اجازت نه هوندي. اماراتي اختيارين موجب اهو فيصلو عوام جي حفاظت کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته سمورين مسجدن ۾ عيد جي نماز جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. اختيارين شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي لاڳاپيل ادارن طرفان جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪن ۽ مقرر هنڌن تي ئي عيد جي نماز ادا ڪن.