سعودي ۾ 12هزار افغانين کي جعلي پاسپورٽ جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم

آڪٽوبر 16, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سعوي عرب ۾ 12 هزار افغانين کان جعلي پاڪستاني پاسپورٽس هجڻ واري مامري جي  جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي

 ذريعن مطابق ڊي جي پاسپورٽ اميگريشن مصطفيٰ جمال جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ وزارت داخلا، نادرا  ۽ ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسرز کي شامل ڪيو ويو آهي

ڪاميٽيءَ ۾ پاسپورٽ اميگريشن سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏيندو, ذريعن مطابق ڪاميٽي 15 ڏينهن اندر جعلي پاسپورٽس جاري ڪرڻ وارن ڪردارن ۽ انهن جي روڪٿام متعلق سفارشون جمع ڪرائيندي

 ڪاميٽي سعودي عرب موڪلڻ تي نادرا، ايف آءِ اي ۽ پاسپورٽ آفيسرن جي ذميواري به طئي ڪندي, گهرو وزارت ڪاميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي

Leave A Comment