سفارتي سرگرميون جاري: سعودي، برطانيا، ايران، ترڪي ۽ جاپان جا پاڪستان سان رابطا، مداخلت نٿا ڪري سگهون، ايٽمي جنگ نه لڳندي: آمريڪا
مَي 10, 2025
واشنگٽن/لنڊن/جده/انقره/ٽوڪيو/روم/اسلام آباد(م ڊ) آمريڪا، سعودي عرب، برطانيا، ايران، ترڪي، جاپان، ناروي ۽ ٻين ملڪن پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، سعودي عرب جو پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير ڀارت جي دوري کانپوءِ سڌو پاڪستان پهچي ويو، سعودي وزير عادل الجبير اسلام آباد ۾ سول ۽ عسڪري قيادت سان پاڪ ڀارت لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، آمريڪا چيو آهي ته پاڪ ڀارت رابطن ۾ بحالي جي حمايت ڪئي ويندي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان برطانوي، جاپاني ايراني، آذر بائيجان ۽ ناروي جي پرڏيهي وزيرن رابطا ڪيا، پرڏيهي وزارت موجب، برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي اسحاق ڊار سان فون تي رابطو ڪيو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان ۾ ڀارتي حملن بعد پيدا ٿيل صورتحال کان آگاهه ڪيو، اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارتي حملن ۾ عورتون ۽ ٻارڙن سميت معصوم شهري شهيد ٿيا، پاڪستان عالمي قانون ۽ يو اين منشور جي ڀڃڪڙين باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو، ڀارتي حملا علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خطرو آهن، پاڪستاني حڪومت ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي زور ڏنو ته ٻئي ڌريون صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪين، آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جو معصوم شهرين جي شهادت تي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، ناروي جي پرڏيهي وزير شهرين جي شهادت تي افسوس ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪستان جي واکاڻ ڪئي، ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ سفارتي حل تي زور پڻ ڏنو ويو. هوڏانهن سعودي جو پرڏيهي مامرن بابت مملڪتي وزير ڀارتي هم منصب سان ملاقات بعد پاڪستان پهچي ويو سندس پاڪستان ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ پرڏيهي وزارت جي اعليٰ اختيارين استقبال ڪيو، سعودي جي پرڏيهي مامرن جي مملڪتي وزير وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، پاڪ ڀارت ڪشيدگي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻئي طرف وفاقي وزير داخلا محسن نقوي سان قائم مقام آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر 48 ڪلاڪن ۾ ٻي اهم ملاقات ڪئي۔ ملاقات دوران پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ سرحدن تي تازي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محسن نقوي آمريڪي سفير کي تازي ڇڪتاڻ، ڊورنز دهشتگردي ۽ پيدا ٿيندڙ صورتحال متعلق آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ڀارت بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي شهري آبادي کي ڊرون ذريعي نشانو بڻائڻ جي مذموم ڪوشش ڪئي، پاڪستان درجنين ڊرونز کي تباهه ڪري ڪيرايو. هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ خطرناڪ صورتحال جو ذميوار ڀارت آهي، ۽ پورو خطو جنگ جي ڪناري تي آهي۔ محسن نقوي واضع ڪيو ته پاڪ وطن جي سلامتيءَ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي آمريڪا جو پولٽيڪل ڪائونسلر زيڪ هارڪن رائيڊر به موجود هيو.
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ ۾ مداخلت نه ڪنداسين، ٻنهي ملڪن ۾ ايٽمي جنگ نٿي لڳي سگهي، آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو، پاڪستان جواب ڏئي ڇڏيو، پاڪ ڀارت جنگ ۾ مداخلت نه ڪنداسين ڇو ته اسان جو ان سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي، ڏکڻ ايشيا ۾ ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سفارتي راهداري کي استعمال ڪري رهيا آهيون، جنگ ۾ سڌي ريت مداخلت نه ڪنداسين، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ائٽمي جنگ نه لڳڻ گهرجي، ائين ٿيو ته سڄي دنيا لاءِ تباهي هوندي.