سفارتي ناتن بعد الجزائر امارات لاءِ هوائي حدون به بند ڪري ڇڏيون

سفارتي ناتن بعد الجزائر امارات لاءِ هوائي حدون به بند ڪري ڇڏيون

دبئي (م ڊ) الجزائر پنهنجون هوائي حدون اماراتي جهازن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. الجزائر جي بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ اماراتي جهازن لاءِ ملڪي فضائي حدون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. الجزائر جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته الجزائر مان ايندڙ ۽ ويندڙ اماراتي ڪمرشل اڏامون سال جي پڄاڻي تائين جاري رهنديون. بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اماراتي ڪمرشل اڏامن بابت الجزائر جو موجوده معاهدو سال جي آخر ۾ ختم ٿي ويندو.