سفر ڪريو عيش ڪريو ۽ ريگستان جا نظارا ڏسو

سفر ڪريو عيش ڪريو ۽ ريگستان جا نظارا ڏسو

رياض (انٽريسٽنگ نيوز) سعودي عرب هڪ عيش عشرت جي سامان سان ليس ٽرين هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سروس جو اعلان 2025 جي شروعات ۾ ڪيو ويو هو ۽ اها ڊسمبر 2026 ۾ شروع ٿي سگهي ٿي. “ڊريم آف دي ڊيزرٽ ٽرين” منصوبي تي سعودي عرب ريلوي پاران اطالوي آرسنل گروپ جي تعاون سان ڪم ڪيو پيو وڃي. هي اطالوي گروپ پنهنجي لگزري ٽرينن لاءِ مشهور آهي. ڪمپني مئي 2026 ۾ رياض ۾ پنهنجو هيڊ ڪوارٽر پڻ کوليو. 800 ميل رستي دوران، ٽرين سعودي عرب جي شاندار ريگستاني نظارن مان گذرندي ۽ سعودي راڄڌاني رياض کي قريات شهر سان ڳنڍيندي. ٽرين ۾ 14 گاڏا هوندا جن ۾ مسافرن لاءِ 33 لگزري ڪمرا موجود هوندا. هر گاڏي سعودي ثقافت جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪندي. مسافرن کي هڪ، 2 يا 3 راتين لاءِ ٽوئر بُڪ ڪرڻ جو موقعو ملندو. ان جي هڪ ڪيبن جو گهٽ ۾ گهٽ ڀاڙو 30,000 سعودي ريال في رات هوندو ۽ هر ڪيبن ۾ 2 ماڻهو رهي سگهندا. ٽرين ۾ 2 ريسٽورنٽ هوندا، جتي سعودي ۽ بين الاقوامي کاڌا پيش ڪيا ويندا. ٽرين جو مکيه ڪانفرنس لاؤنج مسافرن کي  گڏجڻ ۽ آرام ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ٽرين هڪ ئي وقت 66 مسافرن کي کڻندي. سعودي ريلوي ڪمپني موجب “ڊريم آف دي ڊيزرٽ” سياحن ۽ مقامي رهواسين کي سعودي عرب جي وڌيڪ علائقن کي عيش عشرت واري سهولتن سان ڏسڻ جو موقعو فراهم ڪندي. ان ذريعي، سياح يونيسڪو جي عالمي ورثي واريي جڳهين ۽ سعودي عرب ۾ بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز رائل نيچرل رزرو کي به ڏسي سگهندا.