هڪ سوالُ، ٻيو سوال، ٽيون سوال… سوالَ ئي سوالَ، ڳولي اچن ٿا جوابن کي ۽ نوَن سوالن کي به، ۽ ان جو دارومدار آهي سوچ جي سفر تي، جنھن تي حضرت انسانُ، قطع نظر ننڍيءَ وڏيءَ عمر جي، زندگي ڀر هلندو ئي رهي ٿو همت ۽ حوصلي جي هجڻ تائين.
”مان انسان نه آهيان!
ڇا…؟
انسان هجان ها،
هنن سوالن جا،
جواب ڏيان ها.“ (سوال، ص29)
عام طور چيو ويندو آهي ته دنيا جي مذهبن ۾ هر جواب ڏنل آهي، پر مسئلو اهو آهي ته منجهن ڪي اهم ۽ مکيه سوالَ پڇڻ جي اجازت نه آهي، ۽ اهو تمام وڏو مسئلو آهي.
”نه پُڇ، نه پڇ، نه پڇ…!
منھنجي درد جي، منھنجي ڏکن جي،
ڳالهه مون کان نه پڇ،
ٻُڌائينديمانءِ ته حيران ٿي،
مون کان ئي سوال پڇي وٺندينءَ،
ڇو گذاريئي اهڙي زندگي؟
هن سوال جو جواب مون وٽ ڪونهي…!“
(نه پڇ، ص80)
بھرحال، اهو سوالن جو سنسار به، هڪ عجيب ۽ رنگن ڀريو سنسار آهي، جنھن ۾ حيرانين جو سج ۽ چنڊ، ستارا ۽ سيارا ڦرندا رهن ٿا سوچ جي دائرن وانگر. ڪنھن جي سوچ سج جھڙي، ڪنھن جي چنڊ جھڙي، ۽ ڪنھن جي ستارن ۽ سيارن جھڙي آهي، پر ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جھڙا پڇڙ تارا، جن منجهه گئس به آهي ته دَز به ۽ جن ۾ حياتيءَ جي حرارت بدران برف جي سرد مھري آهي. انهن حالتن ۾، مان سمجهان ٿو، ته سنڌ جي نامياري ليکڪه ميڊم سلطانه وقاصي؛ سج جھڙي روشن به آهي، ته چنڊ جھڙي چمڪندڙ به. سندس جيءَ اندر؛ ڌرتيءَ جھڙي ساوڪ ۽ سرهاڻ به آهي، ته زحل جي رنگ برنگي ڇلڙن جھڙي اکڙين ۽ دلڙيءَ ۾ سندر سپنن جي دنيا به.
”مون تنھنجي اکين ۾ ليئو پاتو…!
ڏٺم ته مان هئس.“ (ليئو، ص101)
يا
”من ۾ نه ڳولهه،
جن کي،
مون سانڍيو آ…
ساهه ۾…“ (من ۾ نه ڳولهه، ص174)
هڪڙا سوالَ گلڙن جي پنکڙين جھڙا ٿيندا آهن: من ۾ اچن ته خوشبوءِ سان اندر کي ڀري ڇڏين، پڇجن ته هِينئين ۾ هڳاءُ پکيڙجي وڃي، سپرينءَ جي ساهن سان سلهاڙجن ته جيءَ منجهه امرت اوتجي وڃي.
۽ ٻيا سوالَ ڪَنڊَن ۽ سُوئن جھڙا چُڀندڙ به ٿيندا آهن جن کان فرار ممڪن ناهي هوندو. اهي سوال لازمي طور پڇڻا پوندا آهن ڪڏهن پاڻ کان، ڪڏهن پنھنجي محبوب کان، ڪڏهن پنھنجي طبقي کان، ڪڏهن پنھنجي سماج کان، ڪڏهن پنھنجي قوم کان، ڪڏهن پنھنجي وطن کان ۽ ڪڏهن سڄي انسانذات کان. اهڙا انيڪ سوال، ميڊم سلطانه وقاصيءَ جي شعرِي ڪتاب ”سوال“ ۾ به، ڪتاب جي ٽائيٽل تي وڏن ۽ ڪنڊيدار اکرن ۾ ۽ ڦِڪي رنگ ۾ ڇپيل لفظَ ’سوال‘ کان وٺي، ڪتاب اندر؛ هنڌين ماڳين، ڪنھن نه ڪنھن لفظ، ڪنھن نه ڪنھن جملي، ڪنھن نه ڪنھن اچرج، ٽٻڪن جي ميڙ يا سوالي نشانيءَ منجهه سمايل آهن. مثال طور:
”سڀ سفيد پوش،
هٿين خالي لنگهندا پيا وڃن،
پر خبر نه آهي هُو ڪٿي؟“ (هُن جي خوشبو، ص46)
”سڀ وڙهن پيا تون ماٺ آهين…؟
هيءَ موت جھڙي خاموشي ڇا لاءِ…؟
هيءَ ته تنھنجي نصيبن جي جنگ آهي،
جيڪا تون ازل کان وڙهندو آيو آهين،
منھنجا ساجن، هيءَ جنگ ته تنھنجي تاريخ آ.“
(هلو ته گڏجي راڪاس جا پيرا کڻون، ص4)
تنھنجي ڀرسان…
تو وٽ…
جو ڪجهه به آهي…
اُن تي تنھنجو،
ڪيترو حق آ…؟
اُن جو فيصلو…
ڪير ڪندو…؟“ (فيصلو ڪير ڪندو…؟، ص159)
ايئن، لاتعداد سوال، آڪاس ۾؛ گهٽ ۽ وڌ چمڪندڙ ويجهو ۽ پَري موجود ستارن وانگر، ميڊم سلطانه وقاصيءَ جي اِن ڪتاب ۾؛ موجود آهن. رڳو سوال نه، سوالن ۾ سمايل سوال به، ته انهن سوالن جي جوابن ۾ موجود ڳجها سوال به. گڏوگڏ سلطانه وقاصي پنھنجي هِن ڪتاب ۾، خيالن ۽ خوابن کي ڳولي لھندڙ، رڳو ئي ڪُئيسچن مارڪ ناهي. هُن وٽ کَري راءِ، سُھڻي صلاح، تُز تجزيو ۽ تخليقي ڇنڊڇاڻ به موجود آهي. هن جي سوچ ۾ سوالُ هڪ وِک آهي، جيڪا هن جي هٿن منجهه ٻرندڙ مشعل ۽ اکڙين ۾ جَلندڙ جوت کي راهه سڃاڻڻ جي سگهه ارپي ٿي.
سلطانه وقاصيءَ جو حساس هينئڙو ڏکن ۽ ڏولاون کي محسوس ڪندڙ به آهي، ته انهن کي لفظن جي ٻيڙين تي چاڙهي زندگيءَ جي متحرڪ سمنڊ جي طويل سفر لاءِ تيار ڪندڙ به آهي. هن وٽ ڏکن جا سلسلا نظمن جي روپن ۾ ايئن پکيڙيل آهن جيئن کيرٿر جو جابلو سلسلو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پکيڙيل آهي ۽ هتان جي ماڻهن جي ڏکن، سُورن ۽ اهنجن کي پٿرائي پنڊپھڻ ڪري ڇڏيو اٿائين.
”گهٽيءَ گهٽيءَ،
چونڪ چونڪ،
ماڻهو پاڇي وانگر،
اڻ ڄاتل خوف…
پنهنجا تابوت پاڻ کنيو!
هلندا پيا وڃن،
هر ايندڙ ڏينھن…
ڪالهوڪي ڏينھن وانگر اُلهي ٿو،
هر رات،
گذريل رات وانگر اونداهي آهي.“ (ٻوسٽ، ص133)
سلطانه وقاصيءَ جي نثري نظمن ۾، هڪ وڏو موضوع ڪراچي ۽ ان جون حالتون پڻ آهي. ڪراچيءَ ۾ رڳو دهشت گردي، فرقي واريت ۽ شدت پسندي ناهي، پر اوپرائپ، خود غرضي، لاپرواهي، ڊِڄُ، دُونھون ۽ اڪيلائي به آهي. ڪراچي لاتعداد ڪيفيتن جو اهڙو مڪسچر آهي جنھن ۾ ذائقن جي ڪوڙاڻ مَن ۽ تَن کي سَنکئي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي. ان زهر جي عڪاسي سلطانه وقاصيءَ جي نظمن ۾ اظھاريل آهي:
”هن جڳ ۾،
لاشا سڀ،
ڄاتل سڃاتل،
جيئرا ماڻهو،
سڀ اجنبي،
اڻ ڄاتل.“ (لاشا سڀ ڄاتل سُڃاتل، ص176)
اهڙين ابتر حالتن ۾ جيئڻ باوجود، وٽس هڪ اميد پڻ آهي، جنھن مان چِٽو آهي ته هن جي اندر ۾ هڪ انقلابي ۽ بھادر ماءُ موجود آهي:
”تون گوليون هلائي ٿڪجي پوندين،
هر ڪا ڪوشش ڪري ورچي پوندين،
لاش ڪِرندا ويندا، رت وهندو ويندو،
ڌرتي ماءُ گڏ ڪندي ويندي،
رت جا انبار،
هڪ هڪ رت ڦڙي مان،
پيدا ٿيندا ڪيئي جوڌا جوان.“ (ڊز، ڊز، ڊز، ص41)
يا، ”هلو ته گڏجي راڪاس جا پيرا کڻون“ عنوان سان سڄو ئي نظم، جنھن مان هيءُ حصو ڏسجي:
”تتل ڏينھن جي روشنيءَ ۾،
سڄي شهر ۾ راڪاس گهمي ويو آ،
حڪم آ در دريون بند ڪريو،
خاموش رهو، ڪجهه نه ڳالهايو…“ (ص48)
ميڊم سلطانه جي هن ڪتاب ”سوال“ جي، ڄڻ ته ٽئين ۽ آخري حصي ۾، ڪجهه قدر وڏا نثري نظم ڏنل آهن، جيڪي صفحي-192 تي ڏنل نظم ”سنڌ جي ڪيڏاري“ کان شروع ٿي، صفحي-261 تي پوري ٿيل نظم ”ٻري وسامي ويل ميڻ بتي“ تي، پورا ٿين ٿا. انهن نظمن ۾ سمايل دک ۽ درد کي محسوس ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، پر انهن نظمن ۾ هوءَ پُراميد به آهي، روشنيءَ جي تمنائي به آهي، ته زندگيءَ جي واٽ تي وڌندڙ به آهي.
”اچ،
ڪير به نه ڏسندو،
اسان کلندا،
لنگهي وينداسين،
هنن ڪنڊن مٿان.“
(کلندا لنگھي وينداسين، ص-175)