| سلطانپور: عمران انڍڙ کي پيءُ جي پلاند ۾ قتل ڪيو: نوجوان جو اعتراف |
سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڀرسان فقير ڳوٺ ۾ ٻه ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان حافظ عمران انڍڙ جي قتل واقعي ۾ ٻن جوابدارن اختر علي پٽ ڪيهر انڍڙ ۽ عجب گل پٽ الله جڙيو طرفان وڊيو بيان ذريعي قتل جو اعتراف ڪري ورتو، عجب گل جو وڊيو بيان ۾ چوڻ آهي ته 6 سال اڳ منهنجي والد الله جڙيو انڍڙ کي عمران انڍڙ جي ڀاءُ ۽ ٻين قتل ڪيو هو، جنهن جي پلاند ۾ مامي اختر انڍڙ سان گڏجي حافظ عمران انڍڙ کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي هنن چيو ته اسان غيرت ۾ اچي اهڙو قدم کنيو آهي،ٻئي پاسي مقتول جي وارثن ۽ مقتول جي ٻي زخمي ٿيل ڀاءُ جي نشاندهي تي سلطانپور ڪينٽ پوليس طرفان ستن جوابدارن خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ٻنهي اعتراف ڪندڙ جوابدارن جا نالا شامل ناهن، مقتول جي وارثن ضمير انڍڙ، خان محمد، طارق انڍڙ جو چوڻ آهي ته اعترافي بيان ڏيندڙ ڇوڪرن کان اصل قاتلن هٿ ٺوڪيو بيان ڏياريو آهي، جڏهن ته سلطانپور ڪينٽ پوليس طرفان ڪيس داخل هجڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن پاران نيشنل هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هڻڻ دوران ايس ايس پي سکر جي يقين دهاني باوجود ڪي به جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا.