| سلطانپور ۽ ڀرپاسي ارڙي پکڙجي وئي، 3 معصوم ٻارڙا فوت، 10 کان وڌيڪ بيمار |
سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ارڙي پکڙجي وئي، 3 ٻارڙا فوت، 10 کان وڌيڪ بيمار، ڳوٺ الهيار انڍڙ ،والو انڍڙ ،منگهو مياڻي ۽ ٻين علائقن ۾ ارڙي پکڙجي وئي، ڳوٺ الهيار انڍڙ ۾ 2 سالن جو احمد رضا پٽ محمد عظيم، 3ورهين جو محمد يوسف پٽ اعجاز احمد ۽ 5ورهين جو احمد الدين پٽ بدرالدين انڍڙ ارڙي وگهي فوت ٿي ويا، جڏهن ته اجوا، شهزادي، مشاهد حسين سميت 10 کان وڌيڪ ٻارڙا ارڙي وگهي بستري ڀيٽا آهن، وارثن موجب ڳوٺ ۾ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ متبلا آهن، سندن علاج ڪرايو وڃي، ٻي طرف ڊاڪٽر صلاح الدين شاهه جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ الهيار انڍڙ پهچي بيمار ٻارن کي وئڪسين ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ئي ٻارن کي سول اسپتال سکر چلڊرين وارڊ منتقل ۾ به داخل ڪرايو ويو، اسپتال مان بسترا نه هجڻ سبب ٻارن کي واپس ڪيو ويو،ايم ايس تعلقه اسپتال پنوعاقل ڊاڪٽر صلاح الدين شاھ چيو ته گرمي سبب ارڙي جي بيماري پکڙجي وئي آهي، ڪئمپ لڳائي ويندي.