سلطانپور ۾ بجلي جي تارن مان باهه، 4ايڪڙ ڪمند سڙي ويو

سلطانپور ۾ بجلي جي تارن مان باهه، 4ايڪڙ ڪمند سڙي ويو

سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد جوڻاس پوليس چوڪي ٻاهران بجلي جي تارن مان ڪمند جي بيٺل فصل کي باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ سبب پورهيت غلام فريد،محمد جادل ڀارو ۽ لال بخش ڀارو جي 4 ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي بيٺل ڪمند جو فصل سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي ورتو، متاثرن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪمند مٿان واپڊا عملي جي ملي ڀڳت سان دڪاندارن غير قانوني بجلي جون ناڪاره تارون لڳايون آهن، جنهن سبب نقصان ٿيو آهي. ٻي طرف جوڻاس پوليس چوڪي انچارج محمد حسن سميجو ٻڌايو ته اسٽاپ جا دڪاندار ڳوٺ جي ٽرانسفارمر مان بجلي جون تارون لڳائي بجلي هلائي رهيا آهن.