سلطان علي الانا، حسين دائود، انور مجيد، توقير شاهه، علي حيدر گيلاني، نادر مگسي ۽ ٻين لاءِ سول ايوارڊ
مارچ 24, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) يوم پاڪستان جي موقعي تي ايوان صدر ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتن جي مڃتا ۾ اعليٰ ترين سول اعزازن ڏيڻ جي تقريب ٿي، جنهن ۾ صدر آصف زرداري زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ شخصيتن کي قومي اعزازن سان نوازيو. صدر آصف علي زرداري. مرحوم ايئر مارشل رٽائرڊ راجا شاهد حامد کي شاندار خدمتن تي نشان امتياز ڏنو، سلطان علي اڪبر الانا کي مالياتي شعبي ۾ شاندار خدمتن تي نشان امتياز عطا ڪيو. ايس پي محمد اعجاز خان شهيد، ڊي ايس پي علامه اقبال شهيد، ڊي ايس پي سردار حسين شهيد کي غير معمولي بهادري تي هلال شجاعت سان نوازيو ويو. صدر غير معمولي بهادري جي اعتراف ۾ ڪانسٽيبل جهانزيب شهيد، ڪانسٽيبل ارشاد علي شهيد، ايڊيشنل ايس ايچ او عدنان آفريدي شهيد ۽ سب انسپيڪٽر تيمور شهزاد شهيد کي هلال شجاعت سان نوازيو. صدر ايل ايچ سي محمد فاروق شهيد ۽ سپاهي محمد آصف شهيد کي غير معمولي بهادري جي اعتراف ۾ هلال شجاعت سان نوازيو. تقريب ۾ الله رکيو شهيد کي تعليم جي شعبي ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ هلال شجاعت، ڊاڪٽر سيد توقير شاهه کي سول سروس جي شعبي ۾ ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ هلال امتياز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ محمد خرم آغا ۽ سيد علي حيدر گيلاني کي هلال امتياز سان نوازيو ويو. صدر حسين دائود کي انسان دوستي ۽ عوامي مفاد جي شعبي ۾ شاندار خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو، خواجا انور مجيد کي سماجي شعبي ۾ شاندار خدمتن تي هلال امتياز، پروفيسر ڊاڪٽر شهريار ۽ ڊاڪٽر زرياب، صحافي حسن ايوب خان کي پڻ طب جي شعبي ۾ شاندار خدمتن تي هلال امتياز سان نوازيو ويو.نادر مگسي کي راندين جي شعبي ۾ خدمتن تي تمغه امتياز، سماجي خدمتن تي ثنا هاشواڻي ۽ صفي ناز منير کي به ستاره امتياز سان نوازيو ويو، جڏهن ته ستاره قائد اعظم، حيدر قربونوف ۽ ڊاڪٽر ڪرسٽين برن هلڊ کي ڏنو ويو. تمغه پاڪستان اگيسٽينو ڊا پولنزا ۽ پروفيسر ويلويا پيا چينيتي حاصل ڪيو. تمغه امتياز حاصل ڪندڙن ۾ سيد شڪيل شاهه، اشهد جواد، امين محمد لاکاڻي، ريحان مهتاب چاولا، سيد جواد حسين جعفري، پروفيسر ڊاڪٽر عثمان قمر، ڊاڪٽر ساره قريشي، ڊاڪٽر اڪرام الله، محمد يوسف خان، سرور منير رائو، ڊاڪٽر سيد عابد مهدي ڪاظمي، شامل آهن. ستاره قائد اعظم ڊاڪٽر شن من ليو کي ڏنو ويو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، سينيٽ چيئرمين، پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين معززن شرڪت ڪئي.