| سلمان خان تڪراري فلم “ڪالا هرن” جي نمائش روڪرائي ڇڏي |
ڪراچي (ڪلچرل ديسڪ) بالي ووڊ جو سپر اسٽار سلمان خان جو تڪراري فلم ’ڪالا هرن‘ جي رليز وارو معاملو ٻيهر عدالت ۾ پهچي ويو، دهلي هاءِ ڪورٽ فلم کي سينيما گهرن ۾ ڏيکارڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ميڊيا موجب عدالت ۾ گذريل ڏينهن ٿيندڙ ٻڌڻي دوران فلم جي پروڊيوسر امت جاني جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو. عدالت قرار ڏنو ته جيستائين سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيشن يعني سي بي ايف سي طرفان فلم جي منظوري جو معاملو رولڙي ۾ آهي، فلم کي سينيما گهرن ۾ رليز نٿو ڪري سگهجي. ’ڪالا هرن‘ هڪ ڪرائيم ٿرلر ۽ ڊراما فلم آهي جنهن جي ڪهاڻي 1998 ۾ راجستان ۾ ڪاري هرڻ جي شڪار جي واقعي کان متاثر ٿي لکيل آهي. هن ڪيس ۾ سلمان خان جو نالو پڻ سامهون آيو هو، ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تي ٿيندي.