سلمان خان جو والد بيماري سبب اسپتال داخل

سلمان خان جو والد بيماري سبب اسپتال داخل

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان جي والد 90سالن جي سليم خان کي صحت جي خرابي  سبب اسپتال  داخل ڪرايو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، جيتوڻيڪ خاندان اڃا تائين سرڪاري طور تي سليم خان  جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي سبب جي تصديق نه ڪئي وئي آهي، انهي ڪري سندس حالت بابت وڌيڪ اپڊيٽس جو انتظار آهي. اداڪار سلمان خان جي پيءُ ۽ سينئر اسڪرين رائٽر سليم خان کي ممبئي جي علائقي باندرا ۾ واقع ليلاوتي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته سلمان خان کي سخت سيڪيورٽي هيٺ اسپتال پهچندي ۽ بعد ۾ اسپتال مان نڪرندي ڏٺو ويو. بالي ووڊ جي سپر اسٽار کي ڪاري ٽي شرٽ ۽ ٽوپي پاتل هئي، هن اسپتال ٻاهران موجود ميڊيا جي نمائندن سان نه ڳالهايو.  واضح رهي ته سليم خان نومبر 2025 ۾ پنهنجي 90 هين سالگرهه ملهائي، هو هندستاني سينيما جي بااثر شخصيتن مان هڪ آهي.