سلمان خان جي جم کي باهه لڳي وئي

سلمان خان جي جم کي باهه لڳي وئي

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان سان لاڳاپيل جم جي نئين دهلي جي علائقي گريٽر ڪيلاش ۾ واقع برانچ باهه لڳي وئي، فائربرگيڊ عملي   پهچي جم ۾ موجود سڀني ماڻهن کي وقت سر ٻاهر ڪڍي باهه وسائي، رپورٽن مطابق باهه واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو،ٻئي پاسي سلمان خان جي نئين فلم ’مونسٽر ‘ پڻ خبرن ۾ آهي، جنهن کي عيد 2027 تي عالمي سطح تي رليز ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.سلمان خان جي مشهور تيلگو فلمساز دل راجو ۽ هدايتڪار وامشي پائڊيپلي سان گڏ پهرين گڏيل فلم هوندي.