| سلمان خان جي 60 سالگرهه: “بيٽل آف گلوان” جو ٽيزر جاري |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي 60هين سالگرهه تي ايندڙ فلم’بيٽل آف گلوان’ جو آفيشل ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو، فلم رليز ٿيڻ جي تاريخ جو اعلان به ساڳئي ٽيزر ذريعي ڪيو ويو. اپوروا لکيا جي هدايتڪاري ۾اها فلم سلمان خان جي پنهنجي پروڊڪشن هائوس جي بينر هيٺ تيار ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ سلو ڀائي پاڻ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. انهي کان اڳ سلمان خان انسٽاگرام تي شوٽنگ جي هڪ جھلڪ شيئر ڪئي هئي، ٽيزر ۾ سلمان خان هڪ فوجي آفيسر جي ڪردار ۾ نظر اچي رهيو آهي، سندس ڊائلاگ “موت سي ڪيا ڊرنا…” فلم جي جان آهي، ٽيزر پڻ مختصر پر اثرائتن ڊائلاگن سان شروع ٿئي ٿو، جيڪي فلم جي سنجيده ۽ جذباتي مزاج کي ظاهر ڪن ٿا. سلمان خان جي فلم ‘بيٽل آف گلوان’ 17 اپريلتي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.