سلمان خان ڪرن جوهر کي روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

سلمان خان ڪرن جوهر کي روئڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار ڪرن جوهر انڪشاف ڪيو آهي ته سپر اسٽار سلمان خان هڪ ڀيرو هڪ فلم جي شوٽنگ دوران کيس روئاڙيو هو. تازو، ڪرن جوهر پنهنجي شو ۾ نيتي، مُکتي ۽ شڪتي موهن کي دعوت ڏني، جنهن ۾ هن ماضي کي ياد ڪندي چيو ته فلم ‘ڪڇ ڪڇ هوتا هي’ جي مشهور گاني ‘ساجن جي گهر آئي’ جي شوٽنگ دوران، هو سلمان خان جي وينٽي وين ۾ روئي پيو. هن چيو ته منهنجي سلمان خان سان ڪڇ ڪڇ هوتا هي پهرين فلم هئي، ‘ساجن جي گهر آئي’ جي گاني جي شوٽنگ دوران آئون سلمان جي وينٽي وين ۾ داخل ٿيس،  سلمان کي  ٽي شرٽ ۽ جينز پاتل هئي، ڪرن جوهر  مطابق مون سلمان کي چيو ته هڪ شادي جو گانو آهي، اوهان کي پنهنجا ڪپڙا تبديل ڪرڻا پوندا، جنهن تي سلمان خان وراڻيو ته جيڪڏهن گهوٽ جينز ۽ ٽي شرٽ ۾ ايندو ته اهو نئون انداز هوندو، آئون نواڻ آڻيندس.’ ڪرن چيو ته گاني جو  سيٽ خوبصورت هو،  سلمان خان جي هيروئن ڪاجل کي لهنگو پاتل هو ، جيڪڏهن گهوٽ جينز ۽ ٽي شرٽ ۾ ايندو ته ڇا ٿيندو؟ اهو سوچي آئون روئڻ لڳس، مون کي روئندو ڏسي، سلمان خان پنهنجو ضد ڇڏي سوٽ پائي ِ شوٽ لاءِ اچڻ تي راضي ٿي ويو.