سلمان خان ۽ سندس ڀيڻ فراڊ ڪيس ۾ عدالت طلب   

سلمان خان ۽ سندس ڀيڻ فراڊ ڪيس ۾ عدالت طلب   

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) چندي ڳڙهه جي مقامي عدالت اداڪار سلمان خان، سندس ڀيڻ الويرا خان اگني هوتري ۽ اسٽائل اينڊ ڪنٽينٽ جيولري پرائيويٽ ليميٽڊ جي ڊائريڪٽرن کي فراڊ ڪيس ۾ 5 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هي ڪيس چندي ڳڙهه جي واپاري ارون گپتا جي درخواست تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن جو مؤقف آهي ته کيس ’بينگ هيومن‘ جيولري شوروم کولڻ جي نالي ۾ ڪروڙ روپين جو نقصان ڏنو ويو. درخواست مطابق ارون گپتا شوروم تي 3 ڪروڙ سيڙپڪاري ڪئي هئي شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته شوروم کلڻ کانپوءِ ڪمپني واعدي موجب ڪاروباري سهڪار فراهم نه ڪيو، جڏهن ته فيبروري 2020 کان جرولري سپلاءِ ڪندڙ اسٽور بند هجڻ سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿيو. درخواست ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ڪمپني سان لاڳاپيل 6 ماڻهن غلط معلومات ڏئي سيڙپڪاري ڪرائي. ٻئي طرف ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي ته 2018 جي معاهدي ۾ سلمان خان جو ڪو به ڪردار نه هو،