| سلمان علي آغا قانون تحت واضح طور رن آئوٽ هو، امپائر وٽ ٻيو ڪوبه آپشن نه هو: ايم سي سي |
لنڊن(اسپورٽس نيوز) شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ بنگلا ديش خلاف کيڏيل ٻِي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان جي آل رائونڊر سلمان علي آغا جي تڪراري رن آئوٽ تي ميلبون ڪرڪيٽ ڪلب (ايم سي سي) بيان جاري ڪيو آهي. ايم سي سي موجب، سلمان علي آغا قانونن موجب واضح طور رن آئوٽ هو، ڇاڪاڻ ته هو ڪريز کان ٻاهر هو ۽ ان وقت بال راند ۾ موجود هو. ايم سي سي چيو ته ڪنهن به بيٽر کي فيلڊنگ سائيڊ جي اجازت کانسواءِ بال کڻڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. ايم سي سي وڌيڪ وضاحت ڪئي ته رانديگرن جي وچ ۾ ٽڪر سبب بال پاڻمرادو ڊيڊ نه ٿيندو آهي، تنهنڪري راند جاري سمجهي ويندي آهي. ايم سي سي اهو به چيو ته اسپرٽ آف ڪرڪيٽ تحت بنگلا ديشي ٽيم اپيل واپس وٺي سگهي پئي، پر قانون موجب آن فيلڊ امپائرن وٽ سلمان آغا کي آئوٽ ڏيڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو موجود نه هو.