سلمان ۽ عامر نه، شاهه رخ بالي ووڊ بادشاهه: انوراگ ٻڌائي ڇڏيو

سلمان ۽ عامر نه، شاهه رخ بالي ووڊ بادشاهه: انوراگ ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) شاهه رخ، سلمان خان يا عامر خان؟ بالي ووڊ اصل بادشاهه ڪير آهي؟ مشهور ڀارتي فلمساز انوراگ ڪشيپ سوال تي خاموشي ٽوڙي وڌي، انوراگ جو چوڻ آهي ته انهن سڀني مان شاهه رخ خان وڌيڪ مقبول آهي، پوءِ سلمان خان ۽ آخر ۾ عامر خان هو سڀني کان محنتي ۽ سمجهدار آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن ٽن خانز جي منفرد انداز ۽ خوبين کي ساراهيندي چيو ته هر هڪ پنهنجي محنت ۽ سڃاڻپ سان بالي  ووڊ ۾ هڪ منفرد جاءِ ٺاهي آهي. انوراگ ڪشيپ جي بيان سوشل ميڊيا تي فوري طور تي ڌيان ڇڪائي ورتو، جتي مداحن جي وڏي تعداد اتفاق ڪيو ته شاهه رخ اڄ به عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ مشهور ڀارتي اسٽار آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انوراگ ڪشيپ هن وقت تائين ٽنهي خانز مان ڪنهن سان بطور هدايتڪار ڪا فلم ناهي ٺاهي، ان جي فلم سازي جو انداز هميشه غير روايتي ۽ جرئتمنداڻو رهيو آهي جيڪو مرڪزي ڌارا جي فلمن مان مختلف سمجهيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ هو شاهه رخ سان زويا اختر جي فلم لڪ با3 چانس ۾ هڪ مختصر ڪردار ۾ نظر اچي چڪو آهي. انوراگ جي ڀاءَ اڀينوڪشيپ سلمان خان سان 2010 جي سپرهٽ فلم دبنگ ڊائريڪٽ ڪئي هئي پر فلم جي غيرمعمولي ڪاميابي کانپوءِ ٻنهي ڀائرن وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا هئا، جيڪي اڄ تائين برقرار آهن.