سلو ڀائي ڪمزور، منهن لٿل، تصوير ڏسي مداحن ۾ ڳڻتي

سلو ڀائي ڪمزور، منهن لٿل، تصوير ڏسي مداحن ۾ ڳڻتي

ممبئي ( شوبز نيوز) تقريب ۾ سلمان خان کي ڏسي مداح پريشان ٿي ويا، ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان تازو ممبئي ۾ سلم ري هيبيليٽيشن اٿارٽي پاران منعقد ڪيل هڪ سرڪاري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.تقريب دوران سلمان خان اداري جي نئين ڊيٽا ڪليڪشن اينڊ ويري فيڪيشن سپورٽ سينٽر (آئي ٽي سرور رومجو افتتاح ڪيو.پر تقريب ۾ سلمان خان پنهنجي هميشه واري دبنگ انداز سبب نه، پر ڪمزور ۽ غير صحتمند نظر اچڻ ڪري بحث جو مرڪز بڻجي ويو.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ 60 ورهين جو اداڪار اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪمزور نظر اچي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ سندس مداحن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي.وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مداح مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن سلمان خان جي صحت بابت تشويش جو اظهار ڪيو آهي.