سليم رضا سمون جي قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ وي سي طور ٻيهر مقرري چيلينج
مَي 17, 2023
حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ۾ قائد عوام يونيورسٽي انجنيئرنگ نوابشاهه ۾ رٽائرڊ وي سي جي ٻيهر مقرري چئلينج ڪئي وئي آهي. انساقي حقن جي ڪارڪن ۽ سماجي اڳواڻ ڪاظم حسين مهيسر وڪيل سجاد احمد چانڊيو معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ سرڪار قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوابشاھ رٽائرڊ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون کي ٻيهر 4 سالن لاءِ وي سي مقرر ڪيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته رٽائرڊ عملدار جي ٻيهر مقرري سپريم ڪورٽ پاران ڏنل حڪم جي خلاف ورزي آهي قانون جي خلاف آهي هن چيو ته وڏي وزير پاران رٽائرڊ وي سي جي ٻيهر مقرري وارو حڪم سنڌ ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي مقرري لاءِ موجود سرچ ڪميٽي ايڪٽ 2022ع جي ابتڙ آهي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ هائير ايجوڪيشن جي چيئرمين ۽ رٽائرڊ پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون کي به جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کي نوٽيس جاري ڪندي کين پهرين جون تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو