سماجي ادارن جو ڪردار ۽ حڪمت عمليون

جُولاءِ 24, 2023

  جيئن جيئن سنڌ ۾ وچولو طبقو اسري رهيو آهي، مختلف نوعيت جا سماجي ادارا به جنم وٺي رهيا آهن. ڪجهه سماجي ۽ نيم سياسي ادارا گهڻي عرصي کان سرگرم رهيا آهن ۽ اڃان تائين ڪجهه نه ڪجهه ڪري رهيا آهن. انهن ۾ سنڌي ايسوسئيشن آف نارٿ امريڪا (سانا) ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (سگا) جا نالا مثال طور کڻي سگهجن ٿا. ويجهڙ ۾ ڪجهه ٿنڪ ٽينڪس به جنم ورتو، جن ۾ سنڌ ويزن، سنڌ ڊيموڪريٽس فورم، سنڌ واچ وغيره شامل آهن. اهي تنظيمون به روايتي سنڌي سماج جي روين جو شڪار رهن ٿيون، جن ۾ عهدن تان اختلاف، گروپ ٺاهڻ، ڪجهه عرصو هلي بند ٿي وڃڻ يا هم خيال دوستن سان چانهن يا ماني تي ڪچهري ڪري سوشل ميڊيا تي خبر ڏيئي ڇڏڻ وغيره شامل آهن. پڙهيل لکيل ماڻهو جيڪي ڪن سببن جي ڪري سڌو سنئون سياسي ڪردار ادا نٿا ڪري سگهن، اهي ان قسم جي فورمز ٺاهڻ کي اوليت ڏين ٿا. انهن پليٽ فارمن تان ڪردار ته تمام وڏو ادا ڪري سگهجي ٿو پر ان لاءِ چرپر، حڪمت عملي ۽ مستقل مزاجيءَ جي ضرورت هوندي آهي.سماج جي گوناگونيت سبب مختلف بيهڪ جا ادارا ٺهڻ ۾ ڪابه خرابي ناهي. قومي حقن جي جدوجهد گهڻ پاسائين هوندي آهي، جنهن ۾ هر ماڻهو پنهنجي حال ۽ حالتن آهر ڪردار ادا ڪندو آهي. سڀ ماڻهو سڌو سنئون سياسي سرگرمي نه ڪري سگهندا آهن پر جيڪڏهن اهي پنهنجي وس آهر مستقل مزاجيءَ سان با معنيٰ ڪردار ادا ڪن ته اهو سياسي عمل کي ٽيڪ ڏئي ٿو. وسيع معنيٰ ۾ اهي سڀ اڳڀرايون پنهنجي جوهر ۾ سياسي عمل جو حصو ئي هونديون آهن. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته يونيورسٽي جي شاگرد طور مان سنڌ ڊيموڪريٽس فورم جو هڪ رضاڪار ڪارڪن هئس. 1991ع ۾ ان فورم آدم ڳڻپ وقت ايڏي زبردست مهم هلائي، جو سنڌين جو ڳڻپ ۾ انگ غير معمولي طور تي ايترو گهڻو نڪتو، جو حڪمرانن کي ان آدم ڳڻپ جا نتيجا رد ڪرڻا پئجي ويا. ان وقت پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف، سنڌ پروفيسرز اينڊ ليڪچررس ايسوسئيشن (سپلا)، سگا، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ وغيره تمام گهڻيون سرگرم تنظيمون هيون. انهن جو ڪم متحرڪ سياسي تنظيمن کان ڪهڙي به طرح گهٽ نه هو. آدم ڳڻپ، ڪالا باغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال جي مخالف جدوجهد، ڌاري آبادڪاري ۽ اين ايف سي بابت سياسي جدوجهد ۾ اهي تنظيمون لانگ مارچن، بک هڙتالن، سيمينارن ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ گڏ هونديون هيون. سنڌ قومي اتحاد جي سرگرمين ۾ اهي سڀ تنظيمون گڏ هونديون هيون. ان کان اڳ به مرحوم غلام مصطفيٰ شاهه جي سرونٽس آف سنڌ سوسائٽي جي گڏجاڻين کانپوءِ جاري ٿيندڙ تفصيلي بيان به نهايت اثرائتا هوندا هئا. اهي بيان ڪتابي شڪل ۾ به شايع ڪيا ويا.

2000ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اندر سرگرم اين جي اوز به باقي صوبن جي ابتڙ سنڌ ۾ ڀرپور سياسي ڪردار ادا ڪيو. منڇر ڍنڍ، ايل بي او ڊي رٿا، تيل ۽ گئس جي وسيلن، پاڻيءَ واري ٺاهه جي ڀڃڪڙين، انڊس ڊيلٽا جي صورتحال، ٻيٽن جي وڪري ۽ ڍنڍن تي قبضن خلاف هر مهم ۾ سنڌ جون اين جي اوز اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون. اين جي اوز جي پروجيڪٽن ۾ انهن سمورن مسئلن تي سرگرميون شامل هونديون هيون. انهن جي آفيسن ۾ گڏجاڻيون ۽ ليڪچر ڪوٺائڻ، انهن معاملن تي سيمينار ڪرائڻ، معلوماتي مواد ڇاپڻ ۽ جاڳرتا مهم هلائڻ ۾ اين جي اوز جا وسيلا عوامي حقن واري جدوجهد ۾ ڀرپور نموني استعمال ٿيندا هئا ۽ سندن ڪارڪن ڀرپور نموني شرڪت ڪندا هئا.

ڪجهه مهينا اڳ جڏهن آدم ڳڻپ شروع ٿي ته ان حساس معاملي تي سڀ کان پهريون سيمينار سانا پاران ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ آدم ڳڻپ وارو معاملو سنڌ سطح تي بحث ۾ اچي ويو. اڳتي هلي ان سيمينار ۾ اٿاريل نڪتن جي بنياد تي سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي خط لکي سنڌ واسين جي خدشن کي وفاق تائين پهچايو.

مجموعي طور تي سنڌ ۾ سياسي جماعتن جيان سول سوسائٽي تنظيمن، اين جي اوز، ميڊيا توڙي ٿنڪ ٽينڪس جو ڪردار واکاڻ جوڳو رهيو آهي. ملڪ جي ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ عوامي حقن بابت ايئن گڏيل اڳڀرايون گهٽ نظر آيون هونديون. ان سڄي عمل ۾ ضرور ڪن ادارن ۽ فردن ۾ ڪوتاهيون به رهيون هونديون، ڪي ڳالهيون اڻوڻندڙ به ٿيون هونديون، جن تي اختلاف راءِ رکي سگهجي ٿو پر انهن سڀني ادارن جي گڏيل جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ واسين مختلف معاملن تي ڪامياب اڳڀرايون ڪيون آهن. آدم ڳڻپ، ڪالا باغ ڊيم، انڊس ڊيلٽا جو ڪيس، ٻٽي مڪاني نظام جي واپسي، ٻيٽن جو وڪرو رڪجڻ، انهن سڀني ڪاميابين جا اتساهيندڙ مثال آهن.

وقت سان گڏ حڪمرانن جي پاليسين جي نتيجي ۾ سياسي توڙي سماجي ادارا ڪمزور به ٿيا آهن پر ان جي باوجود اهي پنهنجي حال آهر پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وقت به سانا ۽ سگا متحرڪ تنظيمون آهن، جيڪي عوامي ميڙاڪن ۽ ٻين طريقن سان مختلف معاملن تي سرگرميون ڪري رهيون آهن. البته هڪ ڳالهه جنهن جي کوٽ نظر اچي ٿي، اها آهي حڪمت عملي. سياسي تنظيمن جيان سول سوسائٽي ۽ ٿنڪ ٽينڪس به اڀرندڙ مسئلن تي رد عمل ۾ ڪم ڪرڻ ۽ سرگرميون ڪرڻ ۾ تيز آهن پر اهي گهڻي ڀاڱي ڇڙ وڇڙ رد عمل واريون سرگرميون آهن پر انهن ادارن وٽ هاڻوڪين حالتن ۾ سنڌ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪا ٺوس حڪمت عملي يا پروگرام ۽ ٽارگيٽس ناهن، جنهن کي مستقل مزاجيءَ سان پوئيواري وسيلي حاصل ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ٿي رهي هجي. حڪمت عملي ۽ پروگرام نه هجڻ سبب گهڻي ڀاڱي ٿيندڙ سرگرميون ته وقتي معاملن تي ته نتيجا ڏين ٿيون پر اهي ڪنهن ڊگهي مدي واري پروگرام کي کڻي اڳتي نٿيون وڌن. سماجي تنظيمن ۽ ٿنڪ ٽينڪس کي وقت بوقت اڀرندڙ معاملن سان گڏ ڪجهه ڊگهي مدي وارن پروگرامن تي لڳاتار ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪو سندن بنيادي سڃاڻپ هجي. اهي ڊگهي مدي وارا هڪ يا ٻه ڪم هجن، جن جو اثر بنيادي تبديلين وارو هجي ۽ اهي ڪنهن حڪمت عملي سان سلهاڙيل هجن. مان رڳو هتي ڪجهه مثال اڳيان رکان ٿو. اهي يا انهن جهڙا ٻيا ڪيترائي ڪم ڪري سگهجن ٿا.

هر سال 500 کان 1000 سنڌي نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ۾ واهر/رهنمائي/رابطا فراهم ڪرڻ.

هر سال 500 سنڌي ڇوڪرين کي يونيورسٽين ۾ تعليم ڏيارڻ لاءِ واهر/رهنمائي فراهم ڪرڻ.

هر سال 3 هزار کان 5 هزار نوجوانن کي هنري سکيا ۽ ڪاروباري ڄاڻ وسيلي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ واهر/رهنمائي/رابطا فراهم ڪرڻ.

ڪراچي ۾ هر سال 500 ڪٽنبن کي ورسائڻ لاءِ واهر/رهنمائي/رابطا فراهم ڪرڻ.

ڪراچي ۾ رهندڙ 5 هزار سنڌين کي هر سال اتي جو سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل ٺهرائڻ لاءِ واهر/ڄاڻ فراهم ڪرڻ.

ڪراچي ۾ هڪ اهڙو رهنمائي مرڪز قائم ڪرڻ، جتي سنڌ جي ٻين ضلعن مان رهائش/روزگار/تعليم وغيره لاءِ ايندڙ ماڻهن کي واهر/رهنمائي مهيا ٿي سگهي.

حڪومت، اين جي اوز، ڊونرز ۽ سرنديءَ وارن سان گڏجي سنڌ جي هر تعلقي ۾ معياري تعليم جا مثالي ادارا قائم ڪرڻ.

سنڌ سان لاڳاپيل سياسي، معاشي ۽ سماجي معاملن تي سنڌيءَ کانسواءِ انگريزي يا اردو ۾ انگن اکرن تي ٻڌل ڄاڻ کي عام ڪرڻ جو لڳاتار سلسلو شروع ڪرڻ.

سنڌ سان لاڳاپيل اهم آئيني ۽ جمهوري حقن بابت سفارتي سطح تي لهه وچڙ ڪرڻ، وزير اعظم، فوج جي اعليٰ عهديدارن، وزير اعليٰ ۽ ٻين اهم ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ.

بينڪن، مائيڪروفنانس ادارن، حڪومت ۽ اين جي اوز سان گڏجي ٻهراڙين ۾ زرعي ۽ ڪاروباري معيشت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ مالي وسيلا، فني واهر ۽ مارڪيٽ سان ڳانڍاپي جو ڪم ڪرڻ.

وڏن شهرن جي صنعتي ادارن جي مالڪن، انتظاميا ۽ واپاري تنظيمن سان رابطا ڪري ٻهراڙين جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرائڻ لاءِ اڳڀرايون ڪرڻ.

پرڏيهي يونيورسٽين، ڊونر ادارن ۽ سرنديءَ وارن سان رابطا ڪري سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ گڏيل تعليمي پروگرام شروع ڪرائڻ ۽ شاگردن کي پرڏيهه ۾ تعليم جا موقعا فراهم ڪرائڻ.

حڪومت، خانگي شعبي ۽ يونيورسٽين سان گڏجي سائنسي سرگرميون منعقد ڪرائڻ ته جيئن ٻهراڙين ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائنسي سوچ کي پکيڙي سگهجي.

اهي ڪجهه مثال آهن، جيڪي حوالي طور ڏنا اٿم. ان جهڙا ٻيا ڪيترائي ڊگهي مدي وارا پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن سان سنڌ جي سماجي، معاشي ۽ سياسي بيهڪ ۾ ڪي بنيادي تبديليون اچي سگهن.

جمهوري ۽ وچولي طبقي واري ماحول ۾ سياسي ۽ سماجي ادارا شڪليون بدلائيندا رهندا آهن. جيئن اسان وٽ جمهوريت به رياستي ڍانچي جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ سمورو نظام ڪنٽرولڊ آهي، تيئن وچولي طبقي جا ادارا به وڏو انقلابي ڪردار ادا نه ڪري سگهندا پر اهي سماج ۾ هوريان هوريان تبديلي آڻيندا رهندا. يورپ جو نئين جاڳرتا وارو دور به صدين تي پکڙيل هو. ان ڊگهي ۽ ور وڪڙدار جدوجهد ۾ سياسي ۽ سماجي ادارن کي بدلجندڙ حالتن آهر پنهنجي حڪمت عملين ۽ طور طريقن کي نواڻ ڏيڻي پوندي. سماجي ادارا رڳو سرڪاري بجيٽ يا ڊونرز جي فنڊنگ تي ڪم نه ڪري سگهندا، کين رضاڪار سماجي گروهه طور پنهنجا وسيلا به پيدا ڪرڻا پوندا ۽ پنهنجي وقت ۽ صلاحيت جو بامعنيٰ استعمال ڪرڻو پوندو. سانا ۽ سگا جهڙا ادارا سماجي تبديليءَ جي عمل تي وڌيڪ بهتر طريقي سان اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ان لاءِ کين پنهنجي ادارتي جوڙجڪ، اوليتن جي تعين، لڳاتار نظرداري، بهتر حڪمت عملي ۽ وڌيڪ رابطن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

[email protected]

لاڳاپيل پوسٽون

  • رهاڻ: ٿر جي راجپُوتن جي هڪ اَهم رسم

  • سينيٽ، سياست ۽ سازش

  • ڳالهيون ڳنوارن جون … ٻائو پورنداس ٻيلو ۽ ڀرئي شيديءَ واري موري

  • چونڊون: داخلي دٻاءُ يا پرڏيھي پريشر؟