سماجي اڳواڻ امر سنڌو جي پٽ هجڻ جو دعويدار ظاهر، وڊيو بيان جاري، سنگين الزام

جنوري 3, 2025

سن (رپورٽ: شاھنواز شاھاڻي )هڪ  ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي ھڪ ويڊيو فيڪ آئڊين تي شئير ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ھڪ نوجوان چھري تي ماسڪ ۽ مٿي تي ٽوپلو پائي پنهنجو ويڊيو بيان ڏئي رھيو آهي جنهن ۾ ھو پاڻ کي امر سنڌو جو پٽ شان لغاري ٻڌائي رھيو آهي، وڊيو ۾ ھو چئي رھيو آهي ته امر سنڌو منهنجي ماءُ آهي ھو ٻين جي حقن جي ڳالھه ڪري ٿي مونکي حق گھرڻ تي موت مار ڌمڪيون ڏئي ٿي. جنهن ڪري آئون گم نامي واري زندگي گذاري رھيو آهيان. هن چيو ته منهنجي ڊي اين ٽيسٽ ڪرائي وڃي ثابت ڪندس ته آئون امر سنڌو جو پٽ آهيان.هوڏانهن مشڪوڪ نوجوان جي وڊيو کانپوءِ عرفانا ملاح پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو ته اياز ميلي جي ڪاميابي کانپوءِ امر سنڌو کي بدنام ڪرڻ لاء ڪوڙا ويڊيو بيان ٺاھيا وڃن پيا ڪجھ وقت اڳ به اھڙا ويڊيو ۽ ڪوڙيون پوسٽون ھلايو ويو ھيون جنهن سان امر سنڌو تي ڪو فرق نٿو پوي ھو ھميشه حق سچ جي ڳالھه ڪري ٿي

امر سنڌو سندس پٽ سڏائيندڙ نوجوان خلاف ايف آءِ اي پهچي وئي

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) وومين ايڪشن فورم پاران نامياري ليکڪا ۽ عورت اڳواڻ امر سنڌو جو پٽ سڏائيندڙ اڻڄاتل نوجوان خلاف جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آھي. امر سنڌو، عرفانه ملاح، حسين مسرت ۽ ٻين پنهنجي وڪيل ساحر اياز سان گڏ ايف آءِ اي سائبر ونگ جي حيدرآباد آفيس پهچي اها درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ماسڪ پهريل نوجوان پاڻ کي امر سنڌو جو پٽ سڏائي هن جي ڪردار ڪشي ڪئي آهي. اهڙي عمل سان نه رڳو امر سنڌ پر سول سوسائٽي جي به دل آزاري ٿي آهي. واقعي جي جاچ ڪري جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اهو به پتو لڳايو وڃي ته ان نوجوان پٺيان ٻيا ڪهڙا ڪردار آهن. ايف آء اي درخواست وصول ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. اهڙي پڌرائي پروفيسر عرفانا ملاح پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي به ڪئي آهي.

ڪوڙي وڊيو بعد ماڻهو فون ڪري ڌمڪيون پيا ڏين، پٽ پريشان آهي: غلام حسين مڱڻهار

سن:  امر سنڌو جي پٽ جي دعوي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد نوجوان ساجد مڱڻهار جي پيءَ غلام حسين اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته ھن بيان سان به منهنجي پٽ جو ڪو واسطو ناھي منهنجو پٽ پريشان ٿي ويو آهي مختلف ماڻهون فون تي کيس موت مار ڌمڪيون پڻ ڏئي رھيا آهن ۽ رات دير سان بار بار اسان جي در تي سڏ ٿيا آهن پر اسان در نه کوليو جنهن کان پوء اسان خوف مان پٽ کي سڪرنڊ موڪلي ڇڏيو آهي منهنجي پٽ کي ڪجھ به ٿيو ان جا ذميوار کيس ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ سوشل ميڊيا تي منهنجي پٽ جا فوٽون رکڻ وارا ھوندا.

امر سنڌو جي پٽ جي دعويٰ ڪندڙ نوجوان جي سن واسي ساجد مڱڻهار طور سڃاڻپ

سن : سوشل ميڊيا تي امر سنڌو جو پٽ هڻ جي دعويٰ ڪندڙ نوجوان جي سن شھر جي نوجوان ساجد مڱڻھار  جي نالي سان سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، چيو وڃي ٿو ته وڊيو ۾ آواز ۽ تصوير ان جي آهي . رابطو ڪرڻ تي ساجد مڱڻھار جي پيء غلام حسين مڱڻھار  ٻڌايو ته اھو ڪوڙو ويڊيو بيان منهنجي پٽ جي نالي تي ٺاھي  ڪجھه شر پسند ماڻهو منهنجي پٽ کي  فاسائيڻ  چاھين ٿا اسان غريب پورھيت ماڻهون آھيون مان ڪاٺيون ڪري گھر جو گذر ڪيان ٿو جنهن آئي ڊي تان ويڊيو وائرل ڪيو ويو آهي انهن کان ڀڇاڻو ٿيڻ گھرجي منھنجو پٽ  سياسي  پارٽين ۾ به ۽ اداڪاري جو به شوق اٿس فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪري ٿو ھن ڪجھ وقت آڳ نشينل آڪيڊمي آف پرفامنس ناپا وارن کان اسٽيج ڊرامون ۽ جشن لطيف ڪرائيڻ جي لاء بجيٽ گھريو ھو ان کان پوء  مختلف وقتن تي ھن کي بدنام ڪرڻ جون ڪوشش ڪيون ويون اڳ به منهنجي پٽ جي نالي سان  آڊيو ليڪ ڪئي وئي ھئي  جيڪا ڪوڙي ھئي.  امر سنڌو جي پٽ جي دعوي واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد نوجوان ساجد مڱڻهار جي پيءَ غلام حسين اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته ھن بيان سان به منهنجي پٽ جو ڪو واسطو ناھي منهنجو پٽ پريشان ٿي ويو آهي مختلف ماڻهون فون تي کيس موت مار ڌمڪيون پڻ ڏئي رھيا آهن ۽ رات دير سان بار بار اسان جي در تي سڏ ٿيا آهن پر اسان در نه کوليو جنهن کان پوء اسان خوف مان پٽ کي سڪرنڊ موڪلي ڇڏيو آهي منهنجي پٽ کي ڪجھ به ٿيو ان جا ذميوار کيس ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ سوشل ميڊيا تي منهنجي پٽ جا فوٽون رکڻ وارا ھوندا.

Leave A Comment