سماجي ترقيءَ لاءِ خطرو بڻيل صورتحال ۽ سنڌ … ڊاڪٽر علي رضا قاضي

                 صدين کان تهذيبن جو هندورو، سنڌ جو خطو، تاريخي طور تي تهذيب، علم، صوفي ازم ۽ انسان دوستيءَ جو مرڪز رهندو پيو اچي. موهن جي دڙي جهڙي قديم تهذيب کان وٺي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪري شاعريءَ تائين، سنڌ سدائين محبت، رواداري ۽ اخلاقي قدرن جي نمائندگي ڪئي آهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ اڄ جي سنڌ کي ڏسجي ٿو ته صورتحال گهڻي حد تائين بدلجي چڪي آهي. غربت، بيروزگاري، تعليم جي زوال، پاڻيءَ جي کوٽ، صحت جي سهولتن جي گهٽتائي ۽ انصاف جي عدم فراهمي عام مسئلا بڻجي چڪا آهن. سماجَ ۾ مايوسي ۽ بي يقيني وڌي رهي آهي، خاص طور تي نوجوان نسل ۾ مستقبل بابت اعتماد گهٽجي پيو. ڪافي سالن کان سنڌ غربت ۽ معاشي اڻبرابريءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ملي ٿي. زرعي صوبي هجڻ باوجود به هاري طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر نظر اچي ٿو. زميندارن ۽ هارين جي وچ ۾ عدم توازن عام آهي. ڪيترائي هاري پنهنجن فصلن جو پورو فائدو حاصل نٿا ڪري سگهن. ٻهراڙيءَ جا سڌا اثر شهري علائقن تي پڻ پون ٿا؛ جتي پڻ مهانگائي ۽ بيروزگاري عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. روزگار جا موقعا محدود آهن، جنهن ڪري نوجوان مايوس ٿي ٻاهرين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ تي مجبور آهن. وري جيڪڏهن سنڌ جي ٻهراڙين جو ذڪر ڪجي ته سنڌ جو اهو حصو غربت جي اهڙي سطح تي آهي جو ڪيترائي خاندان بنيادي ضرورتن جهڙوڪ ماني، پاڻي ۽ علاج لاءِ به جدوجهد ڪندي ملن ٿا.

اها اڻٽر حقيقت آهي ته معاشي معاملن جو اثر سڌو سنئون سماج تي پوي ٿو، نتيجي ۾ حياتيءَ جي هر شعبي ۾ بحران موجود آهي. خاص ڪري سنڌ جي تعليم مسلسل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان زوال جو شڪار آهي. پاڻ ڄاڻون ٿا ته تعليم ڪنهن به قوم جي ترقي جو بنياد آهي، پر سنڌ ۾ تعليمي نظام ڪيترن مسئلن جو شڪار رهندو پيو اچي. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ عمارتون موجود آهن پر استاد ناهن، يا استاد آهن پر حاضري جو نظام ڪمزور آهي. سرڪاري اسڪولن جو معيار گهٽجڻ سبب خانگي اسڪولن جو رجحان وڌي ويو آهي، جيڪو طبقاتي فرق کي وڌيڪ وڌائي پيو. ان کان علاوه، لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم اڃا به ڪيترن علائقن ۾ محدود آهي. هيءَ صورتحال مستقبل ۾ سماجي ترقيءَ لاءِ وڏو خطرو آهي.

سنڌ ۾ تعليم جي ابتر صورتحال سان گڏ پاڻيءَ جو بحران هر لمحي سان وڌي پيو. سنکيي مليل جر جي پاڻيءَ ماڻهن کي بيمار ڪري ڇڏيو آهي، ان سان گڏ صدين کان سنڌ جي معيشت جو دارومدار زراعت تي رهندو پيو اچي، پر پاڻيءَ جي کوٽ ۽ غير منصفاڻي ورڇ هارين لاءِ وڏو مسئلو بڻجي چڪي آهي. سنڌو درياه تي انحصار باوجود پاڻيءَ جي گهٽتائيءَ سبب ڪيترن علائقن ۾ زرعي زمينون غير آباد ٿي رهيون آهن. ڪيترن ضلعن ۾ سوڪھڙو، لوڻياٺو پاڻي ۽ فصلن جي تباهي عام مسئلو بڻجي چڪو آهي. ان سان گڏوگڏ موسمي تبديلي به صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري پئي.

معاشي مسئلن، تعليم جي کوٽ ۽ پاڻيءَ ۾ زهر جي ڪارڻ صحت جا مسئلا تيزيءَ سان وڌي ويا آهن. هڪ پاسي صحت جا مامرا ته سامهون وري علاج جون اڻپوريون سهولتون، مٿان آباديءَ جو مسلسل دٻاءُ-  نتيجي ۾ ماڻهو مسلسل مري رهيا آهن. پاڻ جيڪڏهن صحت ۽ بنيادي سهولتن جي ڳالهه ڪريون ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ اسپتالون موجود هجڻ باوجود بنيادي سهولتون نه هجڻ برابر آهن. ڊاڪٽرن جي کوٽ، دوائن جي غير موجودگي ۽ ايمرجنسي سهولتن جي گهٽتائي عام مسئلو آهي. ايتري تائين جو تعلقي ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪروڙين روپين جي بجيٽ سان قائم اسپتالون پڻ ’ريفرل سينٽرن‘ ۾ تبديل ٿي ويون آهن، مريضن کي رڳو وڏن شهرن جي اسپتالن جو پتو ٻڌائڻو آهي، ان جي نتيجي ۾ شهرن جي اسپتالن تي تمام گهڻو دٻاءُ رهي ٿو. شهرن ۾ موجود خانگي اسپتالن جون وري الڳ ڪهاڻيون آهن، جنهن ۾ ماڻهو پهچي ٿو ته معاشي طور مريو وڃي.

سنڌ، جتي انيڪ طرف مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، اتي انصاف ۽ ادارتي نظام ڄڻ ويهي ويو هجي. ڪنهن به معاشري ۾ انصاف جي فراهمي ۾ دير هڪ وڏو مسئلو آهي. عام ماڻهو کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهو وقت انتظار ڪرڻو پوي ٿو. ڪيترن کي اهو احساس آهي ته نظام سڀني لاءِ برابر ناهي. ادارتي ڪمزوري، ڪرپشن ۽ سفارش جو ڪلچر سماج ۾ بي اعتمادي پيدا ڪري رهيو آهي. انهن سڀني مسئلن ۾ سنڌ اندر اخلاقي ۽ سماجي زوال ايڏو تيزيءَ سان ڪاهي پيو آهي، جو حساس ماڻهو پريشان ٿيو وڃي. سماج ۾ سچ، ايمانداري، قرباني ۽ ذميواري جهڙا قدر آهستي آهستي ڪمزور ٿي رهيا آهن. ذاتي مفادن کي اجتماعي ڀلائيءَ تي ترجيح ڏني وڃي ٿي، جيڪو سماجي توازن کي متاثر ڪري رهيو آهي.

سنڌ جي انهن سڀني مسئلن جي اڳيان وري ڪربلا جو بنيادي پيغام آهي. دنيا ڄاڻي ٿي سنڌ واسين کي به خبر آهي ته ڪربلا جو واقعو صرف تاريخي جنگ نه هو، پر هڪ اخلاقي انقلاب هو. امام حسين عليه السلام جو موقف هو ته: ظلم سان سمجھوتو ڪرڻ عزت نه پر ذلت آهي. ڪربلا جا بنيادي اصول هي هئا ته ’انسان کي حق لاءِ بيهڻ گهرجي، ڀلي قيمت ڪيڏي به هجي- ظلم ۽ ناانصافي جي مخالفت ڪجي – ضمير جي آواز کي زنده رکجي – اخلاقي اصولن تي ثابت قدم رهجي – قربانيءَ کي انسانيت جي حفاظت لاءِ استعمال ڪجي.‘ ان ڪري ئي ڪربلا جو پيغام هر دؤر لاءِ آهي، نه ڪي صرف ڪنهن مخصوص علائقي يا دؤر لاءِ…. ڪربلا جو سڀ کان اهم سبق اهو آهي ته ظلم جي سامهون خاموش رهڻ به هڪ قسم جي حمايت آهي. سنڌ ۾ ڪيترن مسئلن تي خاموشي اختيار ڪئي وڃي ٿي، جيڪا مسئلن کي وڌيڪ وڌائي ٿي. سنڌي سماج ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجن بنيادي حقن کان محروم آهن. ڪربلا سيکاري ٿي ته حق لاءِ آواز اٿارڻ ضروري آهي، ڀلي حالتون ڪيڏيون به ڏکيون ڇو نه هجن. ڪربلا ۾ قرباني ذاتي مفاد لاءِ نه پر اجتماعي بهتري لاءِ هئي. جيڪڏهن سنڌي سماج ۾ اهو شعور پيدا ٿئي ته ماڻهو پنهنجي ذميواري سمجهن ته تبديلي ممڪن آهي. سنڌ جي ڪيترن مسئلن جو حل صرف معاشي نه پر اخلاقي به آهي. ڪربلا جو پيغام ضمير کي جاڳائي ٿو، جيڪو سماجي سڌاري لاءِ بنيادي شرط آهي.

اسان وساري ڇڏيو آهي ته انصاف لاءِ عملي جدوجهد ڪجي، ظلم خلاف بيهڻ جي جرئت هجڻ گهرجي، اخلاقي اصولن تي ثابت قدم رهڻ گهرجي، سماجي ذميواري جو احساس هجي؛ جيڪڏهن هي پيغام عملي زندگي ۾ اچي وڃي ته سماج ۾ وڏو انقلاب اچي سگهي ٿو ۽ اهو پڻ ته سنڌ کي جيڪڏهن ترقي جي راهه تي آڻڻو آهي ته هي قدم ضروري آهن: تعليم کي شعور جو ذريعو بڻايو وڃي – انصاف لاءِ گڏيل آواز اٿاريو وڃي – ايمانداري ۽ ذميواري کي فروغ ڏنو وڃي – ظلم خلاف بيهڻ جي جرئت پيدا ڪئي وڃي –  نوجوان نسل کي فڪري طور مضبوط ڪيو وڃي.