Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_bde73icr51qvgog2l7l0ikltam, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سماجي رويا، مدي خارج رسمون ۽ ڇاتي جو ڪينسر ... ڊاڪٽر آغا ناديا پٺاڻ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سماجي رويا، مدي خارج رسمون ۽ ڇاتي جو ڪينسر ... ڊاڪٽر آغا ناديا پٺاڻ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

سماجي رويا، مدي خارج رسمون ۽ ڇاتي جو ڪينسر … ڊاڪٽر آغا ناديا پٺاڻ

آڪٽوبر جي مھيني ۾ ھر سال ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاھي مھم ھلائي ويندي آھي جيتوڻيڪ پوري دنيا جون عورتون بنا ڪنھن فرق ھن مرض سبب متاثر ٿي رھيون آھن، پر گھٽ ۽ وچولي آمدني وارا ملڪ آگاھيءَ جي کوٽ، صحت جي اڻپورين سھولتن ۽ انھن تائين محدود رسائي جي ڪري ھن مرض کان تمام گھڻو متاثر ٿي رھيا آھن، جنھن ڪري مرض جي تشخيص ۾ دير ۽ فوتگيون پڻ ٿين ٿيون، اھڙي ريت ڇاتي جو ڪينسر صحت عاما جو مک مسئلو بڻجندو پيو وڃي ۽ غريب ملڪن ۾ ممڪنا طور ڇاتي جي ڪينسر سان لاڳاپيل فوتگين جو تعداد وڌيڪ ھجڻ ڪري صحت فراھم ڪندڙ وسلين تي بار پڻ وڌي وڃي ٿو. جيڪي ماڻھو ڇاتي جي ڪينسر واري مرض بابت آگاھي مھم ھلائين ٿا يا اھي جيڪي صحت جون سھولتون فراھم ڪرڻ سان لاڳاپيل آھن کين ھن مرض سان لاڳاپيل ٻن اھم پھلوئن، رخن يا پاسن تي ضرور ڌيان ڏيڻ گھرجي جنھن ۾ ھڪ تھ صحت جون اڻپوريون سھولتون آھن جنھن سان متاثر عورتن جي علاج تائين پھچ، متاثر ٿئي ٿي، ٻيو اھا ڪٿ ڪرڻ گھرجي تھ سماج ۾ رائج، لاڳو ڪيل جنسي اڻ برابري واري نظام ۽ پدرسري سرشتي جي ڪري عورتن کي ھن موتمار مرض جي علاج جي حصول ۽ روين تي ڪھڙا اثر ٿي رھيا آھن، ان سان ممڪن طور تي گھربل مداخلت جو جائزو وٺڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڇاتي جي ڪينسر سان لاڳاپيل صحت جي سھولتن جي حاصلات جي طريقن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آھي.
پاڪستاني عورتون شديد جنسي اڻبرابري ۽ سماجي معاشي خطرن جي ور چڙھيل آھن، پاڪستان عورتن جي رھڻ لاءِ بدترين ملڪن منجھان ھڪ آھي جتي عورتون جنسي تشدد، سماجي ۽ معاشي وسيلن جي ورھاست ۾ امتيازي سلوڪ، ڪارو ڪاري جھڙي ڪڌي، مڪروھ، بدبوءِ رسم جي ور چڙهن ٿيون، ھتي عورتن لاءِ صحت جي سھولتن جا انگ اکر ڪنھن بھ ٻئي ملڪ کان بدترين آھن. چاھي اُھي زچگي دوران فوتگيون ھجن، غذائيت جي کوٽ ھجي يا وري ڄم جي پھرين ڏينھن واريون فوتگيون ھجن. جنھن جو نتيجو عورتن جي ڪمزور جسماني ۽ ذھني حالت ۾ نڪري ٿو. ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب ٿيندڙ فوتگين جي لحاظ کان پوري ايشيا کنڊ ۾ پاڪستان ٻين ملڪن کان گوءِ کڻي ويو آھي ھتي ھر نو(9) عورتن منجھان ھڪ عورت کي ڇاتي جو مرض لڳڻ جو خطرو آھي. اھو پڻ ٻڌايو پيو وڃي تھ پاڪستان ۾ ھر سال ڇاتي جي ڪينسر جا 90 ھزار نوان ڪيس ظاھر ٿين ٿا جنھن مان 40 ھزار جي لڳ ڀڳ عورتون فوت ٿي وڃن ٿيون. مرض لڳڻ جي صورت ۾ ابتدائي حالت ۾ مرض جي تشخيص مريض جي زندھه رھڻ لاءِ تمام ضروري آھي پر ماڻھن جا مرض بابت رويا، عقيدا ۽ غلط اندازا مرض جي ابتدائي تشخيص جي راھ ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿي سگھن ٿا. غيبي مدد، معجزن جي دوا درمل، تقدير جي ڀلائي يا وري اھا سوچ تھ ڪينسر ھڪ لاعلاج مرض آھي اھي ڳالھيون، سوچون ڇاتي جي ڪينسر جي علاج جي رستي ۾ ھڪ وڏي رنڊڪ آھن. پاڪستان جي عورت پنھنجي صحت جي باري ۾ آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي، جڏھن تھ ڪينسر جي مريض جي بقا ۽ نفسياتي سڪون لاءِ سندس خاندان جي مرض بابت معلومات ۽ مريض معلومات ۽ مريض جي مدد تمام گھڻي اھميت رکي ٿي ۽ سندن سمجهھ ۽ عقيدا پڻ ڪينسر جي مرض جي علاج کي منھن ڏيڻ لاءِ فيصلائتو ڪردار ادا ڪن ٿا. عورتون اڪثر ڪري پنھنجو پاڻ کي مرض بابت ذھنن ۾ پاليل غلط اندازن ۽ عقيدن آڏو پاڻ کي بيوس ۽ لاچار محسوس ڪن ٿيون تنھن ڪري اھو ڄاڻن تمام ضروري آھي تھ اھي فرد جيڪي عورتن جي زندگين تي اثر انداز ٿي رھيا آھن سي ڇاتي جي ڪينسر بابت ڪھڙي راءِ رکن ٿا. پاڪستان ۾ گھٽ آمدني رکندڙ ٻين ملڪن جو پدرسري نظام، عورتن لاءِ صحت جي سھولتن تائين پھچ کي تمام گھڻو متاثر ڪري ٿو، فيصلا سازي جي محدود اختيارن جي ڪري عورتن لاءِ ھر محاذ تي منھن ڏيڻ تمام مشڪل آھي. مرض بابت سماجي، معاشي ۽ جاگرافيائي مسئلن سان گڏوگڏ، رويا، سوچون ۽ عقيدا پڻ ڇاتي جي ڪينسر جي علاج جي رستي ۾ وڏي رنڊڪ آھن ۽ انھن جي ڪري مريض جي زندگي اڃا بھ وڌيڪ مونجھارن جي ور چڙھي وڃي ٿي.
اھي عورتون جيڪي ڇاتي جي ڪينسر جي تڪليف ۾ مبتلا آھن کين مايوسي (ڊپريشن) ۽ ڳڻتي يا فڪر (انگزائٽي) جي شديد نفسياتي معاملن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو ۽ سندن نفسياتي سھائتا لاءِ وڏي مشڪل سان ڪي ٺڪاڻا ميسر ھجن ٿا، عورتن جي ڪمزور جسماني ۽ نفسياتي صحت جي ڪري نھ صرف پيداوار پر صحت وارن معامرن ۾ ڪمي جي صورت ۾ وڏي قيمت ادا ڪرڻ پوي ٿي.ڪينسر بابت خانداني رويا، رائج ٿيل ناڪارا سوچون، عقيدا سماجي معائشي چئلينج پڻ ڇاتي جي ڪينسر جي مريض جي قسمت جو فيصلو ڪن ٿا ۽ مريض جي صحتياب ٿيڻ جي تڪڙن امڪانن کي پڻ ختم ڪن ٿا. مرض بابت بي بنياد خيالن ۽ خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ اِھو ضروري آھي تھ سمجهھ ڀري انداز ۾ سمجھداريءَ سان ان معاملن ۾ مداخلت ڪئي وڃي. پدرسري نظام جي ڪري مستقل طور قائم ٿيل انتھائي درجي جي جنسي اڻبرابري جي معاملن کي حل ڪري ڇاتي جي ڪينسر بابت سمجهھ ۽ معلومات وڌائي صحت جي سھولتن تائين کين پھچ ڏني وڃي. ان ڳالهھ کي نھ وسارڻ گھرجي تھ عورتن جي اڪثريت آبادي تعليم کان محروم آھي ۽ ٻھراڙيءَ ۾ رھندڙ عورتن جي اڪثريت نھ لکي ۽ نھ ئي پڙھي سگھي ٿي، جنھن ڪري ھو ھن موتمار مرض جي علامتن کي سمجھڻ کان قاصر آھي، ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاھي ۽ معلومات بابت ڪرايل اڀياس ظاھر ڪن ٿا تھ عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاھي جي سطح ۽ تعليم جو پاڻ ۾ تمام مضبوط لاڳاپو آھي ۽ ڪينسر جا اھي مريض جن ۾ تعليم ۽ آگاھي جي سطح گھٽ ھئي سي مغالطن، وھمن ۽ وسوسن ۾ ورتل ھئا، صحت بابت ڄاڻ ۽ آگاھي جي اھميت کان انڪار ڪري نٿو سگھجي، عورتن کي ڇاتي جي ڪينسر بابت تعليم، ڇاتيءَ جو پاڻ معائنو ڪرڻ، ميمو گرافي واري معائني ۽ مرض جي ممڪنا علاج ۽ معلومات ضروري فراھم ڪرڻ گھرجي، طبي سھائتا فراھم ڪندڙ ڪاڪرن، مرض مان صحتياب ٿيل مريض، برادرين جا اڳواڻ، مذھبي گروھه، نفسياتي ماھر ۽ ابلاغي ذريعن سان لاڳاپيل فردن، ماڻھن کي اھا آگاھي ڏيڻ لاءِ ضرور استعمال ڪرڻ گھرجي تھ ڪينسر جو مرض علاج جوڳو آھي جنھن سان ان مرض بابت رائج، منصوب ڪيل ناڪاري سوچن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڪينسر جي اسپتالن جو تعداد وڌائي علائقائي سطح تي ماڻھن جي پھچ ھيٺ آڻڻ گھرجي. خاص طور تي ميموگرافي جي معائني جون سھولتون ضلعي سطح تي مھيا ڪيون وڃن تھ جيئن ڏورانھن علائقن جي عورتن کي پڻ ھي سھولت فراھم ٿي سگھي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *