تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

سماجي ورڪر نثار ٻلهڙو جو وڇوڙو: سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار

سماجي ورڪر نثار ٻلهڙو ڪينسر سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو جنهن بعد سوشل ميڊيا تي جتي ڏک جو اظهار ڪيو ويو اتي سنڌ حڪومت مٿان تنقيد پڻ ڪئي وئي. ديبا سحر لکيو ته تڏهن اسان چوندا آهيون تعليم ترقي ۽ صحت جي گهر ڪريو اسپتالن علاج جي گهر ڪريو، نديم بوزدار لکيو ته يار نثار آئون تنهنجو مياري آهيان تولاءِ ڪجهه نه ڪري سگهياسين، ظفر علي لکيو ته ‏نثار ھڪ خُدا ترس انسان ھو، ‏سندس دل ۾ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ بي انتها پاٻوهه ۽ پيار هو، درست وقت تي درست فيصلو هن نوجوان جي حياتي بچائي پئي سگهيو، فرحان سومرو ميسيجن جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو جنهن ۾ نثار ٻلهڙو لکيو ته ڳوٺ جي يتيم غريب مسڪين ٻارڙن لاءِ ڪپڙا گهرجن، آئون بيمار آهيان جنهن ڪري قرضي ٿي ويو آهيان گذريل سال ٻارن ۾ ڪپڙا ورهايا هئا هن ڀيري به چون پيا چاچا عيد اچڻ واري آهي ڪپڙا ڪڏهن ٿا ڏيو؟ محسن رند لکيو ته سنڌ جا وسيلا جي سنڌي ماڻهن مٿان خرچ ٿين ها ته اڄ نثار لاءِ آمريڪا جو علاج ايڏو مهانگو نه هو. ارشاد علي پڻ ڏک جو اظهار ڪيو، اشوڪ راماڻي لکيو ته سڄي سنڌ هن خوبصورت انسان جي ڏوهاري آهي، اسان انسان ذات لاءِ درد رکندڙ هڪ نوجوان جي زندگي به بچائي نه سگهيا آهيون مون ڪيترائي ڀيرا ويرجي ڪولهي کي نياپا ڪيا پر هن به ڪو جواب نه ڏنو. پيارا مون کي معاف ڪجان، آئون توهان لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيس، امتياز چانڊيو لکيو ته نثار به ويو، تڪليفن مان جند آجي ٿيس، پ پ سرڪار جيڪا به بي رحمي ڪئي اها به ياد رکبي، انيلا رفيق ملاح لکيو ته لاڙڪاڻي جو سماجي ورڪر، مسلسل بلڊ ڪينسر جهڙي موضي مرض ۾ مبتلا نثار ٻلهڙو زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندي وڙهندي نيٺ زندگي جي جنگ هارائي ويو، مجاهد حسين لکيو ته اسان صرف واڪا ڪندڙ تماش بين قوم آھيون، عملي طور ڪجھ نه ڪنداسين، اگر ھڪ ھڪ رپيو گڏ ڪريون ھا ته نثار ٻلھڙو جي حياتي بچي نه پوي ھان، عبدالقدير ميمڻ لکيو ته قومي، حڪومتي بيوسي تي انتهائي افسوس ٿيو، شمع منور لکيو ته نثار ٻلهڙو نه صرف ڪينسر جھڙي بيماري سان وڙھندو رھيو پر سنڌ دشمن ھر منصوبي تي اسان سان ھر قدم تي گڏ رھيو، ظفر عزيز ميتلو لکيو ته افسوس جو ڪيتري ئي عرصي کان بيمار هجڻ ڪري سنڌ سرڪار يا ڪنهن چونڊيل نمائندي مدد لاءِ نثار جو علاج ڪونہ ڪرايو، عرفان عالماڻي، شڪيل ڇڄڙو، حسين منصور، ريحان خان، رزاق عاصي ۽ ٻين پڻ ڏک جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *