سماج سڌارڪ ڊاڪٽر عظيم عالماڻي هميشه لاءِ وڇڙي ويو

سماج سڌارڪ ڊاڪٽر عظيم عالماڻي هميشه لاءِ وڇڙي ويو

ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) سنڌ سرڪار جي صحت کاتي جو اڳوڻو صوبائي سيڪريٽري سماجي سڌارڪ پروفيسر ڊاڪٽر محمد عظيم عالماڻي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علالت سبب آءِ سي يو ۾ داخل هجڻ سبب 91 ورهين جي ڄمار ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي وفات ڪري ويو ، مرحوم سنڌ ۽ پاڪستان سان گڏ پرڏيهي يونيورسٽين ۾ ڊاڪٽري واري شعبي ۾ اعلى سطح تي مهارت سبب يونيورسٽين ۾ ليڪچر طور ڪيترائي فرائض انجام ڏنا ، ٽنڊو محمد خان جي خانگي تعليمي اداري دارلعلوم گرلس ۽ بوائز اسڪولن ، مخدوم بلاول ڪاليج جي قيام عمل ۾ باني جو ڪردار ادا ڪيو ، سندس علمي ادبي توڙي سماجي خدمتن تي کيس ڪيترائي ايوارڊ ، ميڊل پڻ مليا ، مرحوم سنڌ جي اندر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيتري عرصي کانپوءِ صحت کاتي جي سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيڻ بعد پنهنجي خانگي اسپتال ۾ فرائض انجام ڏنا ، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مفت طبي ڪئمپن ذريعي غريب مسڪين ماڻهن جو مفت علاج ڪيو ، سندس ٽنڊو محمد خان ويجهو ابائي ڳوٺ سونو خان عالماڻي ۾ پنهنجي مرحوم ڀاڻيجي ليکڪ ڊاڪٽر انور علي عالماڻي سان گڏ نياڻين لاءِ پهريون ڀيرو تعليمي مفت اسڪول قائم ڪيو ، مرحوم پنهنجي پويان هڪ بيواھ ، هڪ پٽ ۽ 2 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن ، سندس فرزند حسين علي آمريڪا جي اعلى يونيورسٽي مان بيريسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ۾ بيريسٽر طور پنهنجا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي ته سندس هڪ نياڻي ڊاڪٽر حيا آمريڪا ۾ ڊاڪٽري طور فرائض انجام ڏئي رهي آهي جيڪا مهينو اڳ پنهنجي والد سان گڏ پرڏيھ مان ملڪ آيل آهي ، والد جي بيماري سبب ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي ، مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر محمد عظيم عالماڻي جي مڙھ کي ڪراچي مان سندس حيدرآباد جي سول لائين واري رهائشگاھ پهچايو ويو آهي ، مرحوم جي اڄ ڇنڇر واري ڏينهن منجهند 2 وڳي حيدرآباد جي سول لائين ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي جنهن جي بعد مرحوم جي مڙھ کي حيدرآباد مان ٽنڊو محمد خان ويجهو تعلقي حيدرآباد جي سونو خان عالماڻي جي ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو .