سمارٽ لاڪ ڊائون؟ واپاري اڳواڻ 2 ڌڙن ۾ ورهائجي ويا

سمارٽ لاڪ ڊائون؟ واپاري اڳواڻ 2 ڌڙن ۾ ورهائجي ويا

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ تان واپاري اڳواڻ ٻن ڌرين ۾ ورهائجي ويا،  هڪ ڌر حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪئي ، جڏهن ته ٻي ڌر مخالفت جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ اليڪٽرانڪس ڊيلرز جي صدر رضوان عرفان چيو ته سنڌ حڪومت واپارين سان صلاح مشوري بعد ڪاروباري وقت مقرر ڪيا آهن، ڪراچي ۾ مارڪيٽون رات 9 ، شادي هال 12 ۽ ريسٽورنٽ 11:30 وڳي بند ٿيندا، هن حڪومت سان سهڪار جو اعلان ڪيو. جڏهن ته واپاري اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي سنڌ حڪومت جي فيصلي جي آجيان ڪندي واپارين کي عملدرآمد جي اپيل ڪئي. ٻئي پاسي آل سٽي تاجر اتحاد جي صدر حماد پونا والا سمارٽ لاڪ ڊائون کي معيشت لاءِ نقصانڪار قرار ڏيندي انهي جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. هوڏانهن انجمن تاجران ڪراچي جي صدر جاويد شمس به ڪاروباري وقت گهٽائڻ جي فيصلي کي رد ڪندي هنگامي اجلاس طلب ڪرڻ جو اعلان ڪيو.