“سمارٽ لاڪ ڊائون”: ڏاھپ کان وانجھيل فيصلا نه ڪريو

ملڪ ۾ ٻيهر “سمارٽ لاڪ ڊائون” لاڳو ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪي رڳو پاليسي بحث نه، پر حڪمرانن جي بي حسي ۽ عوام آزار سوچ جو کليل اظهار بڻجي چڪيون آهن. صوبائي وزير اھو چئي رهيا آهن ته وفاق فيصلو ڪندو ته “لبيڪ” چونداسين، دراصل اھو هڪ اهڙي سياسي تقليد جي علامت آهي، جنهن ۾ عوام جي درد، بک ۽ بيچيني جي ڪا به حيثيت ناهي. سوال هي آهي ته ڇا صوبائي حڪومتن جو ڪم صرف حڪمن تي ڪنڌ جهڪائڻ آهي يا عوام جي نمائندگي ڪرڻ به آهي؟

“سمارٽ لاڪ ڊائون” جو نالو ڏئي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش هاڻي پراڻي ٿي چڪي آهي. حقيقت ۾ اهو نه سمارٽ آهي، نه ئي ڪا حڪمت عملي. حڪمران طبقو هر ڀيري ساڳيو آسان رستو اختيار ڪري ٿو: شهر بند ڪريو، ڪاروبار روڪيو، ۽ عوام کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو. ڄڻ ته ملڪ هلائڻ جو مطلب صرف پابنديون لڳائڻ ئي رهجي ويو هجي. ڇا انهن حڪمرانن کي خبر آهي ته هڪ ڏينهن جو لاڪ ڊائون به هڪ ڏهاڙي ڪمائيندڙ پورهيت ۽ ان جي ڪٽنب لاءِ  فاقه ڪشي آڻيندو آهي؟ ڇا انهن کي احساس آهي ته ريڙهي وارا، مزدور، ننڍا دڪاندار ۽ هاري جڏهن ڪم کان محروم ٿين ٿا ته سندن گهرن ۾ چلهو ٻرڻ بند ٿي وڃي ٿو؟ يا اهي سڀ حقيقتون صرف تقريرن ۽ فائلن تائين محدود آهن؟ سچ ته اهو آهي ته حڪمرانن کي نه ڪا خبر آهي، نه ئي ڪا پرواهه. سمارٽ لاڪ ڊائون جي نالي تي جيڪا راند کيڏي پئي وڃي، ان جو اصل نتيجو معاشي تباهي آهي. واپار تباهه، صنعتون سست، روزگار ختم – ۽ انهن سمورن فيصلن جو بار صرف عام ماڻهوءَ تي. حڪمران طبقو ته پنهنجي عاليشان آفيسن ۾ ويهي حڪم جاري ڪندو رهي ٿو، جڏهن ته پورهيت گرمي، بک ۽ بيروزگاري سان وڙهندو رهي ٿو. هي انصاف ناهي، هي سراسر ظلم آهي. جيڪڏهن ملڪ ۾ تيل بچائڻ يا وسيلن کي محفوظ ڪرڻ ئي اصل مقصد آهي، ته پوءِ ڇو نه سڀ کان پهريان وي وي آءِ پيز ۽ اعليٰ ڪامورن جون مفت تيل واريون شاهانا سهولتون ختم ڪيون وڃن؟ ڇو نه پروٽوڪول وارين سرڪاري گاڏين جي ڊگهن قافلن کي روڪيو وڃي؟ ڇو نه انهن ادارن کي نشانو بڻايو وڃي، جتي روزانو لکين رپيا فضول خرچ ٿين ٿا؟ يا وري اهي سڀ قربانيون صرف غريب عوام لاءِ ئي مخصوص آهن؟

حقيقت اها آهي ته اسان وٽ پاليسيون هميشه ڪمزور طبقن خلاف ٺاهيون وڃن ٿيون. سمارٽ لاڪ ڊائون به ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي. حڪمرانن وٽ نه ڪو ڊگهي مدي وارو تدبر آهي، نه ئي ڪو سنجيده منصوبو. جڏهن به مسئلو وڌي ٿو، اهي فوراً لاڪ ڊائون جو بٽڻ دٻائي ڇڏين ٿا- ڄڻ ته اهو ئي هر بيماريءَ جو علاج هجي. ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته اهڙن فيصلن سان سماج ۾ خوف ۽ غير يقيني وڌي ٿي. ماڻهو پريشان، ڪاروباري طبقو بيچين، ۽ نوجوان مايوس ٿي وڃن ٿا. اهو خوف صرف عارضي ناهي، پر ڊگهي عرصي تائين ماڻهن جي نفسيات تي اثر ڇڏي ٿو. ڇا حڪومت ان نقصان جي ڪٿ ڪري سگھندي؟ سمارٽ لاڪ ڊائون جا نقصان واضح آهن: معيشت جي تباهي، بيروزگاري ۾ واڌ، غربت ۾ اضافو، ۽ عوامي اعتماد جو مڪمل خاتمو. ماڻهو هاڻي حڪومتي اعلانن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، ڇو ته هر ڀيري کين رڳو ڏک ۽ تڪليف ملي آهي. جڏهن عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ اعتماد ختم ٿي وڃي، ته پوءِ رياست جو ڍانچو به ڪمزور ٿي وڃي ٿو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران ڏاھپ کان ڪم وٺن. عوام کي وڌيڪ آزمائش ۾ وجهڻ بند ڪيو وڃي. پاليسين کي زميني حقيقتن سان جوڙيو وڃي، نه ڪي شاندار آفيسن ۾ ويهي فيصلا ڪيا وڃن. جيڪڏهن قرباني ضروري آهي، ته پوءِ سڀ کان پهريان حڪمران طبقو پاڻ مثال قائم ڪري – نه ڪي رڳو عوام کي قرباني جو ٻڪر بڻايو وڃي. آخر ۾ هڪ ڳالهه بلڪل صاف آهي: جيڪڏهن سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو، ته ان جا نتيجا صرف اقتصادي نه، پر سماجي بيچيني جي صورت ۾ به سامهون اچي سگهن ٿا. بک ۽ بيروزگاري انسان کي خاموش رھڻ نٿي ڏئي. حڪمرانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته عوام جي صبر جي به هڪ حد هوندي آهي. جيڪڏهن ان حد کي پار ڪيو ويو، ته پوءِ حالتون سنڀالڻ ڪنهن جي وس ۾ نه رهنديون.