ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: لياقت علي کوسو) نينگر سمرت ڪمار کي ڪنهن اغوا ڪرايو، ڪيئن اغوا ڪيو ويو ۽ پوءِ ڪيئن آزاد ٿيو؟ ان حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن
نينگر سمرت ڪمار جي اغوا ۾ جتي ڌاڙيلن کي ملوث ڄاڻايو پيو وڃي اتي پوليس جو ڪردار به پڌرو ٿي سامهون آيو آهي
ذريعن موجب ايس ايس پي عرفان سمون اهلڪارن کي اهو چئي معطل ڪيو هو ته نينگر اوهان کڻايو آهي اهو واپس ڪرايو
ذريعن موجب معطل ٿيل سڪندر علي پنهور کي به اهو چيو ويو هو ته نينگر تو وٽ آهي اهو واپس ڪراءِ جنهن تي سڪندر علي انڪار ڪيو هو
معطل ٿيل ۽ برطرف ٿيل اهلڪارن جا به تفصيل سامهون آيا، 22 اهلڪار برطرف، 6 معطل ۽ ٻين 30 اهلڪارن کي مختلف سزائون ڏنيون ويون
معطل ٿيل اهلڪارن ۾ ايس ايچ او بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ عبدالقادر ڀنگوار، سڪندر علي پنهور سي ايڪشن انچارج، برطرف ٿيل هيڊ ڪانسٽيبل قربان علي، ٻن اهلڪارن شهباز علي شاهه ۽ محمد امين جي ٻن سالن جي سروس ختم ڪئي وئي هئي، محمد سليم ڀٽي، سهيل احمد باجڪاڻي، عبدالجبار، جنيد احمد جي هڪ سال جي انڪريمينٽ ختم ڪئي وئي هئي
ايس ايس پي عرفان سمون پاران 11 اهلڪارن کي وارننگ ڏني وئي هئي جن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل غلام مصطفيٰ، نبي بخش، اهلڪار گلزار، اهلڪار خالد حسين، عمران علي، طارق حسين، عبدالغني، مير حسن، مجاهد حسين، محمد شهبان ۽ نياز احمد شامل آهن
ٻن اهلڪارن قدرالله ۽ محمد سليم کي دراني کان ڪچي بدلي ڪئي وئي هئي، هڪ اهلڪار صدام حسين کي سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي انعام ڏنو ويو هو، ان کانسواءِ ٻيا اهلڪار به اهڙا آهن جن کي مختلف سزائون ڏنيون ويون
ڪنڌڪوٽ ڪشمور پوليس کانسواءِ شڪارپور پوليس جو به هن معاملي ۾ ڪردار سامهون آيو آهي
ذريعن موجب شڪارپور پوليس هن معاملي ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو ۽ نينگر سمرت کي ڏوهارين وٽان بازياب ڪرائڻ لاءِ راڄوڻي ڪوششون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ سمرت ڪمار جي واپسي ممڪن ٿي
هن سڄي صورتحال ۾ هڪ پاسو اڃا ڳجهارت بڻيل آهي ته نينگر ڪنهن وٽ قيد هو؟ ڪهڙي گينگ ملوث آهي پوليس ته ڀنگوار گينگ کي ملوث ڄاڻائي چڪي آهي جنهن جو سربراهه بدنام ڌاڙيل شريف بنگوار آهي
ڪجهه مهينا اڳ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس هٿان مقابلي ۾ مارجي ويو، جنهن ڪري پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿي رهيا آهن شڪارپور پوليس هن گينگ جي ڪنهن به ڏوهاري کي ميڊيا سامھو پيش نه ڪيو آهي
ذريعن کان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ايس ايس پي امجد شيخ پاران پنهنجي ٽيم جي مدد سان نينگر سمرت ڪمار کي ڏوهارين سان ڳالهين ڪري آزاد ڪرايو آهي پر اهو به سوال اٿاريو پيو وڃي ته راڄوڻي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا